ڀارت ڪشميرين جي خودمختياري بابت نهرو جو واعدو وساري ڇڏيو: پاڪستان

اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارت ڪشميرين جي حقن کي پائمال ڪري رهيو آهي هن چيو ته ڀارت ڪشميرين جي خودمختياري بابت نهرو جو واعدو وساري ڇڏيو نهرو چيو هو ته ڪشمرين کي انهن جي مرضي جي خلاف گڏ نه رکنداسين اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ۾ پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم جو چوڻ هو ته تقريبن 3 سئو پاڪستاني زائرين عراق ۾ آهن، اتحاد ايئرلائن جي بدانتظامي سبب زائرين کي واپسي ۾ دير ٿي، هن چيو ته بغداد ۾ هيڊ آف مشن زائرين سان ملاقات ڪئي ۽ سهولتون مهيا ڪيون، زائرين جي واپسي لاءِ اتحاد ايئرلائن سان رابطي ۾ آهيون، والاريل ڪشمير بابت پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارت ڪشميرين جا حق پائمال ڪري  رهيو آهي ڀارت ڪشميرين جي خودمختياري بابت نهرو جو واعدو وساري ڇڏيو نهرو چيو هو ته ڪشميرين کي انهن جي مريض جي خلاف گڏ نه رکنداسين، چين جي صدر جي پاڪستاني دوري بابت خبرن تي تسنيم اسلم جو چوڻ هو ته چين جو پرڏيهي وزير هن مهيني پاڪستان ايندو چين جي پرڏيهي وزير جي دوري جي تاريخ جو اعلان بعد ۾ ٿيندو چين جي صدر جي دوري جي تاريخ طئه ناهي اخباري خبرون افواهن تي ٻڌل آهن افغان مهاجرن جي واپسي بابت ترجمان ٻڌاوي ته يو اين ايڇ سي آر کي افغان مهاجرن جو خيال رکڻو هو، هڪ ڏهاڪي کان پاڪستان افغان مهاجرن جو وزن کنيو ويٺل آهي افغان سان جا ڀيڻ، ڀاءُ آهن انهن جي رضاڪاراڻي واپسي چاهيون ٿا اميد آهي ته افغان مهاجرن جي جلد واپسي لاءِ قدم کنيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *