شڪارپور سانحي جي ماسٽر مائنڊ جي ڪافي حد تائين سڃاڻپ ڪري ورتي آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد(بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار انڪشاف ڪيو آهي ته شڪارپور سانحي جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي مشهوري نه ٿا ڪرڻ چاهيون ذميوارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين، قوم پشاور سانحي کي نه وساري سگهندي، قومي اسيمبلي ۾ چوڌري نثار انڪشاف ڪيو آهي ته شڪارپور سانحي جي عنصرن جو پتو لڳايو ويو آهي ماسٽر مائنڊ جي ڪافي حد تائين سڃاڻپ ڪئي وئي آهي شڪارپور سانحي جي جاچ جي مشهوري نه ٿا ڪرڻ چاهيون، ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي منتقي انجام تائين پهچائينداسين، هن چيو ته مشڪل جنگ ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، وفاقي وزير چيو ته قوم پشاور سانحي کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي قومي لائحه عمل  تي قوم متفق آهي رت جي هڪ هڪ قطري حساب وٺنداسين چوڌري نثار جو چوڻ هو ته پاڪستان  ۽ افغانستان هڪ ٻئي سان ڀرپور تعاون ڪري رهيا آهن معلومات جي ڏي وٺ جي نظام ۾ بهتري آئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *