ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، گهيري ۾ آيل دهشتگردن کي ڀڄڻ نه ڏبو: آرمي چيف

راولپنڊي (بيورو) فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ان عزم کي ورجايو ويو آهي ته پاڪستان جي خلاف ڪنهن به مهم جوئيءَ جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪمانڊرز جو چوڻ هو ته پاڪستان جي علائقائي سلامتي جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو. ان موقعي تي چيو ويو ته پاڪستان کي ڪمزور ڪندڙ ڀارتي منصوبن کي ناڪام بڻايو ويندو. ڪمانڊرز جو اهو به چوڻ هو ته ڀارتي سياستدانن جي ارادن کي مات ڏني ويندي. آئي ايس پي آر ڄاڻايو آهي ته ڪور ڪمانڊرن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته پاڪستان طرف ڪنهن کي به ميري اک سان ڏسڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. آئي ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڀارتي سياستدانن جو ٻين ملڪن جي معاملن ۾ مداخلت تي فخر افسوسناڪ آهي. ان مطابق ڀارت جا ظاهري ۽ لڪل ارادا پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ آهن. قوم جي مدد ۽ ڪوششسان ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪيو ويندو. آئي ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ڀارتي قيادت جي تازن بيانن جو سختي سان نوٽيس ورتو ويو. ان موقعي تي ڀارت جي اڳرائي وارن بيانن جو نوٽيس ورتو ويو. هنن چيو ته گهيري ۾ آيل دهشتگردن کي ڀڄڻ نه ڏنو ويندو. آئي ايس پي آر جو چوڻ آهي ته هاڻ ويڙهه جو مرڪز پاڪ افغان سرحد ويجهو جا ڪجهه علائقا آهن. اجلاس ۾ اهو به چيو ويو ته اتر وزيرستان ۽ خيبر مان دهشتگردن جا اڏا ختم ڪيا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *