”بجلي ۽ گئس معاملي ۾ زيادتي بند ڪيو“ سنڌ حڪومت وفاق خلاف رستن تي نڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن ۽ سڌسماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيوآهي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت گيس ۽ بجلي جي معاملي تي زيادتي بند نه ڪئي ۽ ترقياتي رٿائن لاءِ رقم جاري نه ڪيا ته سنڌ جو عوام روڊن تي نڪرڻ لاءِ تياري آهي، سرچاءَ جي پاليسي کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، سي ايم هائوس ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيوته ڪراچي کي وڌيڪ پاڻي ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي ضرورت آهي پر اها افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته وفاقي حڪومت طرفان ڪراچي سميت سڄي سنڌ جو جائز حصو ناهي ملي رهيو ،وفاق جي ذميواري آهي ته اهو سڀني صوبن کي ساڻ کڻي هلي پر ترقياتي منصوبن جي حوالي سان وفاقي حڪومت جو رويو مايوس ڪندڙ آهي، ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته خيبر پختونخوا ،سنڌ ۽ بلوچستان وفاق جي ذميواري ناهي ،انهي جي نظر ۾ صرف پنجاب ئي پاڪستان آهي ،هن چيو ته ڪراچي گرين لائن بس لاءِ گذريل سال رقم رکي وئي پر هڪ سال دير کانپوءِ ايندڙ بجيٽ ۾ اها رقم رکي وئي آهي، هن چيوته سڀ کان وڏو ڌاڙو گيس تي هنيو ٿو وڃي ۽ آئين جي ڀڄڪڙي ڪئي ٿي وڃي،آئين ۾ لکيل آهي ته جنهن صوبي ۾ گيس پيدا ٿئي ٿي ته انهي صوبي کي واڌو حصو ڏنو وڃي، ايل اين جي سنڌ جي ضرورت ناهي پر اسان تي ايل اين جو بار به وڌو ٿو وڃي، سازش اها ڪئي ٿي وڃي ته صنعتون سنڌ مان ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪيون وڃن، صنتعڪارن اسان کي چيو ته اسان انهن لاءِ آواز اٿاريون ۽ اسان آواز اٿاري به رهياآهيون، سنڌ جي وڏي وزير زبردست طريقي سان وفاقي اڳيان مسئلو پيش ڪيو آهي،هن چيو ته هاڻي وڌيڪ زيادتي برداشت نه ڪنداسين، وفاقي حڪومت کي گهرجي ته اها آئين جي پاسداري ڪري، ايل اين جي جو بار وجهي اسان کي تنگ نه ڪيو وڃي،هن چيوته بجلي جي 16کان 18 ڪلاڪن تائين لوڊشينڊنگ ڪري سنڌ سان ويڳي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي،سنڌ ۾ عام چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن)کي ردڪيو ويو،انهي لاءِ سنڌ کي سزا ڏني ٿي وڃي شرجيل انعام ميمڻ چيوته سنڌ جي عوام سان دشمني نه ڪئي وڃي،ماضي جي پنجاب حڪومت جيئان اسان به احتجاج ۽ مظاهرا ڪري سگهون ٿا، اسان رڳو سنڌ ۾ ئي نه پر سڄي پاڪستان ۾ مظاهرا ڪري سگهون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *