ڀارت ڌمڪين ذريعي ڪشميرين لاءِ آواز اٿارڻ کان نٿو روڪي سگهي: ايمنسٽي انٽرنيشنل

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل جي سربراهه ڪُمي نائيڊو چيو آهي ته ڀارتي حڪومت طرفان ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ جي ڪوششن باوجود سندن گروپ کي ڪشمير جي صورتحال تي آواز اٿارڻ کان نٿو روڪي سگهجي. مالياتي ڏوهن جي جاچ ڪندڙ ڀارتي کاتي تازو ايمنسٽي جي مقامي برانچ تي الزام مڙهيو هو ته اها ناڻي جي مٽاسٽا جي حوالي سان ڀارتي قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. اهو الزام والاريل ڪشمير ۾ مودي حڪومت جي قدمن تي تنقيد کانپوءِ سامهون آيو. ايمنسٽي انٽرنيشنل جي سربراهه ڪُمي نائيڊو موجب مودي حڪومت ڀارت ۾ ايمنسٽي کي چِٿڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ باوجود ڪشمير جي صورتحال تي آواز اٿارڻ کان نه مُڙنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *