وزيراعظم سان آءِ ايم ايف وفد جي ملاقات، مالياتي پيڪيج جي مدد کانپوءِ حڪومتي قدمن تي ڳالهه ٻولهه ٿي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سان آءِ ايم ايف وفد ملاقات ڪئي آهي. آءِ ايم ايف وفد جي اڳواڻي ڊائريڪٽر مڊل ايسٽ ۽ سينٽرل ايشيا جيهاد آزور ڪري رهيو هو، جڏهن ته ملاقات ۾ ناڻي بابت صلاحڪار، سيڪريٽري ۽ اسٽيٽ بئنڪ گورنر پڻ موجود هئا، ذريعن موجب ملاقات ۾ آءِ ايم ايف وفد جي مالياتي پيڪيج جي مدد کانپوءِ حڪومتي قدمن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جڏهن ته وزيراعظم حڪومت جي معاشي سڌارن جي حوالي سان وفد کي آگاهه ڪيو. هوڏانهن آءِ ايم ايف وفد ناڻي بابت صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي معاشي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال ۽ قرض پروگرام ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته عبدالحفيظ شيخ آءِ ايم ايف وفد کي معاشي استحڪام لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *