ڀارت پاڪستان جي ڪري ايشيا ڪپ جي ميزباني تان هٿ کڻي ويو

ممبئي(اسپورٽس نيوز)  ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر روايتي هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪندي پاڪستان جي ڪري ايشيا ڪرڪيٽ ڪپ جي ميزباني کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا مطابق بي سي سي آءِ جي گورننگ باڊي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان جي موجودگي ۾ ايشيا ڪپ جي ميزباني نه ٿا ڪري سگهون. ڀارتي ميڊيا مطابق بي سي سي آءِ اختيارين ان حوالي سان ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل کي به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي موجوده سيڪريٽري اميتاڀ چوڌري جو چوڻ آهي ته ايندڙ چئن سالن تائين پاڪستان سان ٻه طرفي ڪرڪيٽ جو ڪوبه امڪان ناهي. بي سي سي آءِ طرفان ڀارتي ٽيم جا چار سالا فيوچر ٽوئر جي شيڊول ۾ پاڪستان سان ڪابه سيريز طئه ناهي. ميڊيا  رپورٽن مطابق بي سي سي آءِ جي گورننگ باڊي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اميتاڀ چوڌري جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڀارتي حڪومت پاڪستان سان ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ڏيندي ته ٻه طرفي ڪرڪيٽ ۾ ڪابه صورتحال بڻجي سگهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *