اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ ناصر جمشيد تي هڪ سال جي پابندي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اينٽي ڪرپشن ٽربيونل قومي ڪرڪيٽر ناصر جمشيد تي هڪ سال جي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. پي سي بي جي اينٽي ڪرپشن ٽربيونل ناصر جمشيد خلاف اسپاٽ فڪسنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي هڪ سال لاءِ سندس ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي مڙهي آهي. پي سي بي موجب ناصر جمشيد تي عدم سهڪار جي شق تحت هڪ سال جي پابندي مڙهي وئي، جڏهن ته مٿس اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي 2 شقن جي ڀڃڪڙي جو به الزام هو. پاڪستان سپر ليگ جي ٻئي ايڊيشن دوران اسپاٽ فڪسنگ ۾ ناصر جمشيد سان گڏوگڏ شرجيل خان، محمد عرفان ۽ خالد لطيف جا نالا به سامهون آيا هئا، جن کي جاچ کانپوءِ معطل ڪيو ويو هو.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *