ڀارت هٿان وڌيڪ 6 ڪشميري شهيد، پاڪستان جو ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو فيصلو

سرينگر / اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان ڀارت پاران والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت کي ختم ڪرڻ واري فيصلي تي سخت رد عمل ڏيندي ٻه طرفي واپار کي معطل ڪرڻ ۽ سفارتي لاڳاپن کي محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اربع تي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪونسل جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ شاهه محمود قريشي، پرويز خٽڪ، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد، نيول چيف سميت ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي آءِ ايس پي آر، سيڪريٽري فارين افيئرز ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سول ۽ عسڪري قيادت ڀارت جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا، وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب قومي سلامتي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڀارت سان ٻه طرفي واپار کي معطل ڪيو ويندو، سفارتي لاڳاپا محدود ڪيا ويندا، پڌرائي موجب فيصلو ڪيو ويو ته پاڪ ڀارت لاڳاپن تي نظرثاني ڪئي ويندي، ڀارت سان ٻه طرفي سمورن معاهدن جو نئين سر جائزو ورتو ويندو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڀارت جي غير قانوني قدمن کي گڏيل قومن اڳيان اٿاريو ويندو، قومي، سياسي ۽ عسڪري قيادت فيصلو ڪيو آهي ته آزادي واري ڏينهن کي ڪشميرين سان ٻڌي جي ڏهاڙي طور ملهايو ويندو ۽ ڪشمير جي مسئلي کي بهتر نموني اجاگر ڪيو ويندو، اجلاس ۾ وزيراعظم سمورن سفارتي چينلز کي ڀارتي ظالماڻو ۽ نسل پرستاڻو رويو، ان جي ارادن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم پاڪ فوج کي تيار رهڻ جي به هدايت ڪئي.ٻئي طرف  والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين پاران مظاهرو ڪندڙن تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا شهيد ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي ٿيا، اربع تي ٽئين ڏينهن به والاريل علائقي ۾ ڪرفيو ۽ ڪشمير جو ٻاهرين دنيا سان رابطو ڪٽيل رهيو، ڪشمير ميڊيا سروس موجب سخت ڪرفيو ۽ وڏي انگ ۾ فوجي لاهڻ جي باوجود ماڻهو ڀارت پاران قلم 370 ۽ 35 اي ختم ڪرڻ خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ سريننگر، پلواما، باره مولا ۽ ٻين علائقن ۾ ٻاهر نڪري آيا، فوجين مظاهرين تي گوليون، پيلٽ گن ۽ ڳوڙها آئيندڙ گيس جو استعمال ڪيو جنهن سبب گهٽ ۾ گهٽ 6 ڄڻا شهيد ۽ سوين زخمي ٿيا، اطلاعن موجب سومر تي خطرناڪ هٿيارن جي استعمال سبب زخمي ٿيل گهٽ ۾ گهٽ 6 ڄڻن کي سرينگر جي اسپتال ۾ آندو ويو هو، برطانوي خابرو اداري پوليس جي حوالي سان تصديق ڪئي آهي ته ڀارتي فوج سرينگر ۾ پيلٽ گن ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *