پاڪستان سنڌ ۽ بنگال ٺاهيو، ڪشمير سانحو به اوڀر پاڪستان جهڙو آهي: آصف زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري آهي چيو ته اسان جي پارٽي ڪشميرين جي قربانين سبب وجود ۾ آئي، ڪشمير سانحو به اوڀر پاڪستان سانحي جهڙو آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ تقرير ڪندي آصف زرداري چيو ته اوڀر پاڪستان جي جنگ ۾ اسان شڪست کاڌي پر مان ان جي سببن ۾ نٿو وڃڻ چاهيان، ڪشمير سانحو به اوڀر پاڪستان سانحي جهڙو ئي آهي، اڄ قائداعظم محمد علي جناح جي ٻه قومي نظريي کي اهي ڪشميري اڳواڻ به مڃي رهيا آهن جيڪي اڳ انهن ماڻهن سان گڏ هئا، اسان کي تاريخ تي نظر رکڻ گهرجي، اسان ڄاڻون ٿا ته انهن جي سوچ ڪهڙي آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۽ بنگال پاڪستان ٺاهيو توهان ڪجهه نه ڪيو، توهان کي ڪڍيو ويو، توهان اتان ڀڄي آيا ۽ اسان پناهه ڏني ۽ توهان اسان جي اکين تي آهيو، دنيا توهان جي نه پر ڪنهن ٻئي جي پوزيشن ڏسي توهان سان ڳالهائي رهي آهي، ڇو ته انهن کي افغانستان ۾ توهان جي نه پر انهن جي ضرورت آهي. اڳوڻي صدر چيو ماڻهو چوندا آهن ته مون تي ابوظهبي ۽ چين وڃڻ جا الزام لڳايا ويندا آهن، آئون ڪشميرين سان ملاقاتون ڪيون آهن، انهن کي سڃاڻيندو آهيان، اهي ماڻهو سياسي طور جيئرا آهن. آصف زرداري پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ جو معاملو جيڪڏهن منهنجي اقتدار جي دور ۾ ٿئي ها ته منهنجي پهرين اڏام ابوظهبي، بيجنگ، ماسڪو ۽ پوءِ تهران ڏانهن هجي ها، جتي آئون انهن جي صدرن سان بيهان ها ۽ اتان يڪجهتي وٺندي پاڪستان اچان ها. سندس چوڻ هو ته مون کي ڪشميرين تي فخر آهي، جيڪي پنهنجي شهيدن کي پاڪستان جي جهنڊي ۾ ويڙهي دفنائيندا آهن، ڪنهن جي به همت ناهي جو انهن کي روڪي سگھي، ڪشمير ۾ ڪو اهڙو گھر ناهي جتي شهادت نه ٿي هجي يا ان گھر جو ڪو نقصان نه ٿيو هجي. هن چيو ته هڪ ڏينهن ايندو جڏهن تاريخ لکندي ته آئون ائين چيو هو ۽ اهو ئي ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *