ڀارت طرفان هڪ دفعو ٻيهر سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي، پاڪستان خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا

لاهور: (م.ڊ) ڀارت طرفان هڪ دفعو ٻيهر سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب سنڌو درياءَ مٿان ڀارت طرفان 6 تڪراري منصوبن جي تعمير تي پاڪستان ڀارتي انڊس واٽر ڪميشن کي پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪيو آهي. ذريعن موجب ڀارتي انڊس واٽر ڪمشنر پي ڪي سڪسينا جي مارچ 2022 ۾ اچڻ جو امڪان آهي جيڪو ٽيڪنيڪي وفد سان گڏ سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ دورو ڪندو. ذريعن موجب ڀارت سنڌو درياءَ تي 12 ميگاواٽ جو پن بجلي منصوبو تعمير ڪري رهيو آهي ۽ ڀارت 19 ميگاواٽ جو دُربڪ شيوڪ هائيڊرو پاور پلانٽ منصوبو به تعمير ڪري رهيو آهي. جڏهن ته هن 24 ميگاواٽ جي نيموشلنگ منصوبي جي تعمير جو اعلان به ڪري رکيو آهي.  ذريعن ٻڌايو آهي ته ڀارت طرفان 25 ميگاواٽ ڪارگل بنڊرمين، 19 ميگاواٽ جي منگدم سنگرا ۽ 18.5 ميگاواٽ جي سئوڪ هائيڊرو پاور منصوبي جي تعمير جو به اعلان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڀارت وٽ انڊس ريور بيسن کان علاوه گنگا ۽ براهمه پترا جهڙا آبي نظام به آهن. ذريعن موجب پاڪستاني انڊس واٽر ڪمشنر 29 سيپٽمبر تي ڀارتي هم منصب کي خط لکيو هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *