عمران خان جو ايجنڊا مهانگائي جو خاتمو آهي. اميد آهي ته پنجين سال مهانگائي ختم ڪري ڇڏيندو: شيخ رشيد

راولپنڊي: (م.ڊ) گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته عمران خان جو ايجنڊا مهانگائي جو خاتمو آهي ۽ اميد آهي ته هو پنجين سال مهانگائي جو خاتمو ڪري ڇڏيندو. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته هر پارٽي چاهي ٿي ته اسٽيبلشمينٽ سندس مٿان هٿ رکي. سٺي ڳالهه اها آهي ته اسٽيبلشمينٽ چونڊيل حڪومت سان گڏ آهي. عمران خان 5 سال پورا ڪندو. ڪجهه به نه ٿيندو. هي سال مڪاني چونڊن جو آهي. پنجون سال قومي چونڊن جو هوندو. هڪ سال ته پراڻيون ناراضگيون ختم ڪرڻ ۾ لڳي ويندا آهن. اتحادي پارٽيون ناراض ٿينديون رهنديون آهن. جيڪو به آهي اهو اپوزيشن سان گڏ ناهي. ناراض ٿيڻ جو اهوئي وقت آهي. عمران خان جو ايجنڊا مهانگائي جو خاتمو آهي. اميد آهي ته عمران خان پنجين سال مهانگائي ختم ڪري ڇڏيندو. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته ڪير چوي ٿو ته هو اچي رهيو آهي، ڪو چوي ٿو ته نه پيو اچي. هتان کان ئي ويا هئاسين وري واپس هتي ئي اچڻو اهي. 3 ماڻهو هتي آهن. سياسي تابوت کي کڻڻ جي لاءِ چار پاون جي ضرورت هوندي آهي. شيخ هجڻ جي باوجود نوازشريف کي پنهنجي کيسي مان ٽڪيٽ ڏيان ٿو. کيس اچڻو آهي ته اچي ان جي اچڻ سان ڪو فرق نه پوندو. عمران خان جي اڳواڻي ۾ ايندڙ چونڊون وڙهنداسين. وفاقي وزير چيو ته اسان جي ملڪ ۾ گروپ وڌيڪ مضبوط آهي. اسان قبضا مافيا کي مضبوط ٿيڻ نه ڏنو. اپوزيشن پارٽين کي درخواست آهي ته هو مارچ ضرور ڪن پر 23 مارچ جي تاريخ کي 30 مارچ ڪري ڇڏين. پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪري. 23 مارچ تي وڏا وڏا مهمان اچي رهيا آهن. پهريون ڀيرو رافيل جي ٽوڙ ۾ جي ايس 10 فلائنگ پريڊ ڪندو. شيخ رشيد چيو ته پاڪستان جي فوج عظيم فوج آهي هو پنهنجي دفاع کان غافل نه آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *