ڀارتي قيادت پٺاڻ ڪوٽ ايئر بيس تي حملي جي حوالي سان پاڪستان تي ڪو الزام ناهي هنيو: خواجه آصف

اسلام آباد(اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته ڀارتي قيادت پٺاڻ ڪوٽ ايئر بيس تي دهشتگرد حملي جي حوالي سان پاڪستان تي ڪو الزام نه هنيو آهي. اربع ڏينهن هتي نيوز چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪجهه عنصر دهشتگردي جي اهڙن واقعن ذريعي ٻنهي پاڙيسري ملڪن وچ ۾ ڳالهين جو عمل خراب ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف افسوسناڪ واقعي تي ڀارتي وزيراعظم کي فون ڪيو جنهن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته دهشتگردن لاءِ نهايت مناسب جواب ٻنهي پاڙيسري ملڪن وچ ۾ خوشگوار ناتا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن پٺاڻ ڪوٽ حملي جي حوالي سان ڪو تڪراري بيان نه ڏنو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته پاڪستان پاڻ دهشتگردي جو شڪار آهي ۽ ان لعنت خلاف ڪامياب جنگ وڙهي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *