سنڌ اندر پ پ ۾ ڪو به فارورڊ بلاڪ نه ٺهي رهيو آهي، مخالف اتحاد ٺهندا رهندا آهن، ڪو فرق نه پوندو: نثار کهڙو

ڪراچي (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته  سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جو ڪو به فارورڊ بلاڪ نه ٺهي رهيو آهي، پيپلز پارٽيءَ ۾ فارورڊ بلاڪ ڪنهن جي خواب ۾ ته ٿي سگهي ٿو پر ان جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي. پيپلز پارٽي مخالف اتحاد پهريان به ٺهندا رهيا آهن ۽ شروع کان انهن اتحادن کي ناڪامي ملندي رهي آهي ۽ هاڻي ته هڪ هڪ يو سي جي سيٽ کٽندڙ  پاڻ ۾ گڏ ويهي اتحاد ٺاهي رهيا آهن، ان سان پيپلز پارٽيءَ تي ڪو به فرق نه ٿو پوي. اهڙن پي پي مخالف اتحادن جو پهريان به مقابلو ڪيو آهي ۽ هاڻي به مقابلو ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ نثار احمد کهڙو چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي آپريشن جي خلاف ناهي نه ئي سنڌ جا وفاق سان دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتي خوري ۽ اغوا براءِ تاوان جي خلاف ڪاروائي تان ڪي اختلاف آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ٻين سڀني جماعتن جي اتفاق سان انهن انهن نقطن تي ڪارروائيءَ لاءِ اتفاق ٿيو هو، ان لاءِ پيپلز پارٽي آپريشن جي خلاف ناهي. هن چيو ته باقي صوبائي حڪومت جي اڳواٽ اجازت کانسواءِ ڪنهن کي به 90 ڏينهن حراست ۾ رکڻ وارن رينجرز جي اختيارن تي اعتراض آهي. هن چيو ته ان حوالي سان چوڌري نثار ڪراچي ايندو ۽ رينجرز جي مشروط اختيارن بابت ڳالهه ٻولهه ٿيندي ۽ رينجرز جي مشروط اختيارن بابت جلد ڪو نه ڪو فيصلو ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *