ڀارتي ظلمن تان سمورن عالمي فورمن تي پڙدو کنيو ويندو: مليحا لوڌي

نيويارڪ (م.ڊ)  پرڏيهي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير مليحا لوڌي جو چوڻ هو ته پاڪستان ڀارت کي هميشا ڳالهين جي نينڍ ڏني ۽ ڳالهين ذريعي ئي ٻنهي ملڪن ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ۽ ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڀارت ڳالهين جا دروازا هميشا بند رکيا.ڊاڪٽر مليحا لوڌي چيو ته  ڀارت والاريل ڪشمير جي حالتن ۽ حقيقتن ڄاڻڻ واري انساني حقن جي عالمي تنطيمن کي پهچ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڪشميري عوام جي حقن واري تحريڪ کي دهشتگردي سان جوڙڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي پر پاڪستان سڀني عالمي فورمن تي ڀارتي ظلمن تان پڙدو کڻندو ۽ ان سلسلي ۾ سفارتي ڪوششون وڌيڪ وڌايون وينديون.سندس چوڻ هو ته عالمي اڳواڻن سوڌو گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري بان ڪي مون کي ڏنل دستاويز ۽ تصويري ثبوتن ۾ انساني حقن جي سخت ڀڃڪڙين جون حقيقتون به شامل آهن،عالمي اڳواڻن به دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي قربانين جي واکاڻ ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *