ڀارتي سندري ڪانيڪا ڪپورايشيا جي سڀ کان وڌيڪ سهڻي ناري جو مقابلو کٽي ورتو

ڪيرالا(شُوبز نيوز) ڀارتي سندري ڪانيڪا ڪپور مس ايشيا جو مقابلو کٽي  ورتو آهي، ڀارت جي ڏاکڻي رياست ڪيرالا جي شهر ڪوچي ۾ سڄي ايشيا مان پهتل سهڻين نارين مان ڪانيڪا ڪپور کي سڀ کان پڌيڪ سهڻي قرار ڏنو ويو ۽ کيس مس ايشيا جو تاج پارايو ويو، مقابلي ۾ فلپائيني سندري ميري نٿائي ۽ آذربائيجان جي جيلا گوليوا ترتيبوار ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي رهيون، مس ايشيا جو اعزاز ماڻيندڙ ڪانيڪا ڪپور کي 5 لک رپيا روڪ انعام به ڏنو ويو، 20 ورهين جي ڪانيڪا ڪپور جو تعلق ڀارتي شهر نئين دهلي سان آهي، مس ايشيا جي مقابلي ۾ ڀوٽان، چين ، ايران، ملائيشيا، نيپال، سريلنڪا، تبت، ترڪمانستان، ازبڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن جي سندرين حصو ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *