دنيا جو سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ڪتاب؟ ؛ارشاد ڪاغذي

جرمني ۾ مصنف جي موت کان 70 سال بعد ڪنهن به ڪتاب جا ڪاپي رائٽ ختم ٿي ويندا آهن ۽ ان کانپوءِ اشاعت جو حق هر هڪ کي هوندو آهي. جرمني جي اڳواڻ ۽ جڳ مشهور جلاد هٽلر سن 1945ع تي خودڪشي ڪئي هئي، تنهن ڪري هلندڙ سال جي آخر تائين هُن جي سوانح ”مائن ڪيمف“ تي به حقِ اشاعت جي پابندي پوري ٿيندي. جرمن ڪاپي رائٽ قانون موجب ڪتاب جي مصنف جي وفات جي 70 ورهين بعد خودبخود پبلڪ پراپرٽي بنجي ويندا آهن. 1 جنوري 2016ع ۾ هٽلر جي ڪتاب ” مائن ڪيمف“ تي ازخود اهڙي پابندي جي پڄاڻي ٿي ويندي. جرمني ۾ ان ڪتاب جا حق ۽ واسطا بويريا رياست وٽ محفوظ آهن ۽ هن تڪراري ڪتاب جي اشاعت تي رياست پاران پابندي مڙهيل آهي. جرمن جي وزارت اهو سوچي رهي آهي ته اهڙو قانون جوڙيو وڃي جنهن تحت هي ڪتاب آئينده به شايع نه ٿي سگھي. ” هن خطرناڪ ۽ خوفناڪ ڪتاب جو فقط هڪ اسڪالرلي يا علمي ايڊيشن يا جلد ڇپجڻ گھرجي جيڪو تنقيدي، تحقيقي ۽ علمي ڇندڇاڻ لاءِ هجي.“

1936ع ۾ مائن ڪيمف جو انگريزي ترجمو ڪندڙ جم مرفي جو پوٽو جان مرفي چئي ٿو”هٽلر جي تاريخ  کيس ڪَمتر بڻائڻ جي تاريخ آهي ۽ ماڻهن هن ڪتاب کي ڪمتر ۽ ادنيٰ درجي ۾ شمار ڪيو آهي.“ هن وڌيڪ چيو ته ”سنجيدگي سان سوچڻ گھرجي جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته غلط مفهوم اخذ ٿيڻ جو انديشو رهندو. سن 1920ع جي ڏهاڪي ۾ لکيل پنهنجي ڪتاب ۾ هن جيڪو ڪجهه لکيو، ان تي عمل ڪيو ۽ ڪيئي ڪم ڪري ڏيکاريا هئا. جيڪڏهن ان جو اونهو مطالعو ڪيو وڃي ها ته خطري جي اڳواٽ نشاندهي ٿئي ها.“

سن 1923ع ۾ ”بيئرهال“ جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش بعد هٽلر کي بغاوت جي الزام ۾ ميونخ جي هڪ جيل ۾ بند ڪيو ويو هو ۽ هتي هُن پنهنجي زندگيءَ جو احوال قلمبند ڪيو. ڏهاڪو سالن بعد جڏهن هٽلر اقتدار سنڀاليو ته هيءُ هڪ اهم نازي ڪتاب بڻجي ويو ۽ هن جون هڪ ڪروڙ 20 لک ڪاپيون شايع ڪيون ويون. حڪومت هن ڪتاب کي نئين شادي شده جوڙن کي تحفي ۾ پيش ڪندي هئي. هن ڪتاب کي سينئر آفيسر پاڻ وٽ سانڍي رکندا هئا. ٻن جلدن تي مشتمل هٽلر جي آتم ڪٿا هڪ منتشر، فضول ۽ اجائي ڊيگهه سان ڀريل آهي. فضيلت ۽ ادب آداب کان وانجهيل آهي ۽ يهودي دشمنيءَ تي ٻڌلُ ڳُٽڪو آهي. نسل پرستي، تنگ نظري، دهشتگردي، بالادستي ۽ سياسي مفادن جي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ نازي طرزِ حڪومت (Third Reich) جو بنيادي دستاويز آهي. امريڪا ۽ سموري دنيا جي لائبريرين، ڪتاب گھرن ۽ ٻين هنڌن تي هي ڪتاب عام جام آهي ۽ وڪرو ٿيندو آهي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته هٽلر ۽ نه وري هُن جو والي وارث آهي ته پوءِ رائلٽي ڪير ٿو وصول ڪري؟

ٻي مها ڀاري جنگ کانپوءِ جڏهن امريڪن نازي ناشر ايهر ورلاگ کي گرفتار ڪيو ته مائن ڪيمف جا سمورا حق بويريا اسٽيٽ ڏانهن ويا.

جرمني ۽ سموري دنيا ۾ هڪ نئون بحث هينئر کان ئي شروع ٿي ويو آهي ته 2015ع جي پڄاڻي تي جڏهن هن ڪتاب جو ڪاپي رائٽ ختم ٿيندو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ۽ هن جي اشاعت کي ڪيئن روڪي سگھبو؟ 2016ع ۾ هٽلر جي آتم ڪهاڻي جي وري نئين نموني شايع ٿيڻ سان نازي ازم جو وري وجود ظاهر ٿيندو يا نه؟ ڪتاب تي قانوني پابندي لاڳو ٿيڻ گھرجي يا نه؟ تاريخدان، محقق، اديب، ليکڪ، صحافي وغيره اُڻِ تُڻِ ۾ آهن ته نيٺ ڇا ڪجي؟

ڪتاب تي پابندي عائد ڪرڻ سٺو سنئوڻ ۽ پاليسي نه به هجي. نيو يارڪ ٽائمز مطابق ”نئين نسل کي جيڪڏهن نازي ازم کان بچائڻو آهي ته ان لاءِ بهتر طريقو هي آهي ته هٽلر جي قول جي کُلي مخالفت ڪرڻي پوندي، نه ڪي هُن جي قول کي قانون جي مدد سان قابو ۾ رکڻ گھرجي.“ دنيا ۾ شدت پسندي ۽ نئين نازي ازم جي لهر جي ڪري ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڦڏا فساد ٿيندا رهن ٿا ۽ وري هٽلر جي سوانح جي کلي عام اشاعت، ترتيب، تَدوِينَ ۽ تَروِيج جي ڪري مشڪلاتون منهن ڪڍي سگھن ٿيون. ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب جي منشور جي روشني ۾ دنيا جنگ جي ور چڙهي وئي هئي ۽ لکين ۽ ڪروڙين بي گناهه معصوم ماڻهو موت جو کاڄ ٿيا هئا!

هي سمورو کِٽراڳُ سرمائيدار دنيا جي ميڊيا جي سِٽ ۽ سازش آهي ته جيئن هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪيو وڃي ۽ اهڙي پروپيگنڊه ڪئي وڃي، جنهن جي ذريعي هٽلر جلاد جي سوانحه کي وڌيڪ پذيرائي ملي سگهي ۽ سندس ڪتاب هٿؤن هٿ وڪامي. هونئن به هي ڪتاب دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهي، ملي سگھي ٿو ۽ پڙهي سگھجي ٿو. پوءِ ان تي ايڏو بَمُ بَکيڙو ڪرڻ جو مطلب ۽ مقصد ڇا آهي؟ جڏهن ته سڌريل ملڪن ۾ دهشتگردي ۽ نازي ازم جي ڦهلاءُ تي قانوني پابندي عائد ٿيل آهي ۽ ڪوبه ان قسم جو عمل ڪري نٿو سگهي ۽ ڪندو ته قانون حرڪت ۾ اچي ويندو، پر هٽلر جي حياتي جي ڪهاڻي ڪتاب کي هينئر کان ئي قبوليت ۽ عزت افزائي جي فن سان سرخرو، سربلند ۽ وڌائڻ جو وجهـ ڳولڻ لاءِ وسان ڪين گھٽايو ويو آهي. بهرحال ڪجهه به هجي، وقت جو انتظار ڪرڻ گھرجي ۽ ڏسجي ته 2016ع ۾ ڇا ٿو ٿئي؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *