ٿر جي معصوم ٻارڙن تي موت جو رقص،مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:سجاول بجير)ٿر جي معصوم ٻارڙن تي موت جو رقص،وڌيڪ چار ٻارڙا فوت، خبرموجب:ٿر جي معصوم ٻارڙن تي هڪ دفعو ٻيهر موت جو رقص شروع ٿي ويو،مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ چار معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن،جنهن بعد هلندڙ 9 مهينن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ 661 ٿي ويو آهي، مٺي، اسلام ڪوٽ، ڏيپلو، ننگرپارڪر، ڇاڇرو،  ڪلوئي سميت ٻين شهرن جي اسپتالن ۾ 200 ٻارڙا علاج هيٺ آهن،هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر شهزاد طاهر ٿهيم روزانو جي بنياد تي ٿر ۾ هلندڙ صحت جي سهولتن علاج معالج ۽ امدادي سرگرمين بابت ٻڌائيندي چيو آهي ته ضلعي جي سمورين اسپتالن ۾ 179 ٻارڙا اسپتالن ۾ علاج لاء آندا ويا،53 ٻارڙن کي صحتياب بڻائي ڊسچارج ڪيو ويو،120ٻارڙا اسپتالن ۾ زير علاج آهن،946 ٻارڙن جو صحت کاتي جي اسپتالن جي او پي ڊي ۾ علاج ڪيو ويو،اھڙي طرح پي پي ايڇ آءِ ٿرپارڪر جي زير نگراني ھلندڙ 31 بنيادي صحت مرڪزن ۽ 18 گورنمينٽ ڊسپينسرين جي او پي ڊي ۾ 357  ٻارڙن جو علاج ڪيو ويو،چار ٻارڙا  مختلف وچرندڙ بيمارين سبب فوت ٿي ويا،ميڊيڪل سپريٽينڊنٽ سول اسپتال مٺي جي رپورٽ موجب ڳوٺ ڪنورل يوسي جھرمريو تعلقا ڏيپلو جي رھواسي ھريش ميگھواڙ جو 8 ڏينھن جو ٻارڙو بابو جنھن جو وزن 1:5 ڪلو گرام نيو نيٽل سيپسز ۽ تمام گھٽ وزن ھجڻ سبب فوت ٿي ويو،ڳوٺ ملڪاڻي تعلقا ٽنڊو باگو ضلع بدين جي رھواسي عبدالرحمان جو 2 مھينن جو ٻارڙو عرض محمد جنھن جو وزن 3:5 ڪلو گرام هو جيڪو نمونيا جي بيماري سبب فوت ٿي ويو،ڳوٺ جوڙئو تعلقا مٺي جي رھواسي چندر سنگھ جي 10 ڏينھن جي ٻارڙي نويدا جنھن جو وزن 900 گرام وقت کان اڳ پيدائش ٿيڻ تمام گھٽ وزن ۽ سيپسز بيماري سبب فوت ٿي وئي،ڳوٺ پراڻي تعلقا ڪنري ضلع عمرڪوٽ جي رھواسي ھرچند ڀيل جو 10 مھينن جو ٻارڙو ڪشور بخار دست اينيميا ۽ ليٿرجڪ ۽ ٻين وچرندڙ بيمارين سبب فوت ٿي ويو،ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ سول اسپتال مٺي وڌيڪ رپورٽ ۾ چيو آھي 2 مريضن  کي وڌيڪ بھتر علاج لاءِ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو،جن کي ايمبولينس سروس پڻ فراھم ڪئي وئي،ھن وڌيڪ ٻڌايو ته سول اسپتال مٺي جو جنريٽر تيار حالت ۾ آھي ۽ ان ۾ ڪنھن به قسم جي فني خرابي نه آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *