ان جي شادي ٿي چڪي آهي جنهن سان محبت ڪندي آهيان ۽ پٽ به اٿس: صبا قمر

 

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني ڊرامه انڊسٽري جي اداڪاره صبا قمر پنهنجي ناڪام محبت جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو آهي ته مان جنهن شخص سان محبت ڪندي هئس ان کي ٻئي ڪنهن سان ڏسي خراب لڳندو آهي پر مان ان جي خوشي ۾ ئي خوش آهيان.اداڪاره صبا قمر جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو پنهنجي محبت ۽ ان کي حاصل نه ڪرڻ جو تجربو پنهنجي چاهيندڙن سان شيئر ڪندي نظر اچي رهي آهي. ڪوبه ماڻهو سوچي نٿو سگهي ته چيخ ۽ ۽ باغي جهڙن ڊرامن ۾ مضبوط عورت جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪاره صابر قمر اصل زندگي ۾ محبت ۾ ناڪامي جي تڪليف برداشت ڪري چڪي آهي.تازي انٽرويو دوران صبا چيو ته مان جنهن شخص سان محبت ڪندي هئس ان جي شادي کي به ڪيترائي سال گذري ويا آهن ۽ هاڻ ان جو هڪ پٽ به آهي. اوهان جنهن شخص سان محبت ڪندا هجو ان کي ڪنهن ٻئي سان گڏ ڏسي خراب لڳندو آهي.صبا قمر ان شخص جو نالو ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو. پر هن اهو ضرور ٻڌايو ته جنهن سان مان محبت ڪندي آهيان ان جو تعلق به شوبز انڊسٽري سان هو ۽ هو ماڊلنگ به ڪري چڪو آهي. صبا وڌيڪ چيو ته هيترا سال گذرڻ باوجود مان هن وقت به ان شخص سان محبت ڪندي آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *