ٿر جو ڪوئلو سعودي عرب جي تيل کان وڌيڪ توانائي پيدا ڪري سگهي ٿو: احسن اقبال

ٿرپارڪر (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير چوڌري احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ جو مستقبل جمهوري نظام سان جڙيل آهي، سياسي استحڪام کانسواءِ اقتصادي ترقي نٿي ٿي سگهي، حڪومت جي 5 سال مدي جو احترام ڪرڻ گهرجي، اڄ اسان معيشت جي مقابلي ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، اسان کي هڪٻئي سان ڌرڻن ۾ مقابلو ناهي ڪرڻو، قوم ڏڦيڙ سان نه پر اتفاق، تعاون ۽ ٻڌي سان ترقي ڪنديون آهن، سي پيڪ هڪ حقيقت بڻجي چڪو آهي، دهشتگردي جي چيلهه چٻي ٿي چڪي آهي، پاڪستان توانائي ۾ پاڻڀرو ٿي چڪو آهي، ٿر جو ريگستان جتي انسان آباد ٿيڻ لاءِ تيار نه هو، اڄ ملڪ  جو سڀ کان وڏو نجي سيڙپڪارن جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، پاڪستان خودمختيار ملڪ، آزاد پرڏيهي پاليسي بڻائي ٿو، آمريڪا سان امن جو گڏيل ۽ اعتماد تي ٻڌل لاڳاپا چاهيون ٿا.گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان توانائي جي شعبي ۾ پاڻڀرائپ حاصل ڪري رهيو آهي ۽ تمام جلد 24 ڪلاڪ بجلي دستياب هوندي. ٿرڪول جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته ٿر منصوبي مان چار هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي جنهن سان ملڪ جي بجلي جي ضرورت پوري ٿي سگهندي. ٿرڪول مان پيدا ٿيندڙ بجلي سستي اگهه تي فراهم ڪئي ويندي ۽ منصوبي مان ٿر ۾ ترقي ۽ خوشحالي ايندي. هن چيو ته اينگرو ٿر ۾ عورتن کي اڳتي وڌائڻ جا موقعا فراهم ڪري رهيو آهي ۽ ٿري عورتن ثابت ڪيو آهي ته اهي ڪنهن به شعبي ۾ مردن کان گهٽ ناهن. هڪ سوال جي جواب تي احسن اقبال چيو ته اڄ اسان سياسي دور نه پر معاشي مقابلي جي دور ۾ داخل ٿي چڪا آهيون ۽ اسان جو مقابلو خطي جي ملڪن جي معيشت سان آهي. هن چيو ته مخالف ڌر جون پارٽيون ڌرڻي جي سياست ڇڏي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ ساٿ ڏين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *