وفاق جي نااهلي جي ڪري ڪمند جا آبادگار احتجاج تي مجبور آهن: سهيل انور سيال

لاڙڪاڻو(ويب ڊيسڪ) صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته حماد صديقي کي هن وقت تائين سنڌ پوليس جي حوالي ناهي ڪيو ويو، وفاقي حڪومت جي نااهلي جي ڪري بحران پيدا ٿي رهيا آهن. تفصيل موجب سنڌ جي گهرو وزير سهيل انور سيال پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته دهشتگردن جا ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن اماڻي رهيا آهيون، عزير بلوچ جي جي آءِ ٽي تي عدالت جيڪو به حڪم ڏيندي ان تي عمل ڪنداسين. هن چيو ته حماد صديقي کي هن وقت تائين سنڌ پوليس جي حوالي ناهي ڪيو ويو. وفاقي حڪومت جي نااهلي جي ڪري بحران پيدا ٿي رهيا آهن. وفاق جي نااهلي جي ڪري ڪمند جا آبادگار احتجاج تي مجبور آهن. کنڊ وڏي مقدار ۾ هئڻ سبب سبسڊي ڏئي رهيا آهيون.  گهرو وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته مفرور اسحاق ڊار جي ڪري ملڪ ۾ ڪيترائي بحران پيدا ٿي رهيا آهن. سنڌ پوليس ۾ پوليس اهلڪارن جي ڪرپشن بابت سندس چوڻ هو ته 12 هزار پوليس اهلڪارن خلاف جاچ جاري آهي. جيڪي پوليس اهلڪار ڏوهاري ثابت ٿيا انهن کي نه بخشبو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته تڪ بندين تي اليڪشن ڪميشن جي حڪمن تي عمل ڪنداسين، سال 2018 ۾ وفاق سميت چئني صوبن ۾ حڪومت بڻائينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *