پ پ ڪراچيءَ ۾ هيٽ اسٽروڪ جو ذميوار وفاق ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته ڪراچي ۾ هيٽ اسٽروڪ جي ذميوار وفاقي حڪومت ۽ ڪي اليڪٽر آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پ پ چيئرمين چيو ته وفاقي حڪومت ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي ڪري سنڌ جو عوام سخت گرميءَ ۾ ٻٽي عذاب مان گذري رهيو آهي. هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ بار بار بجلي بند ڪري هيٽ اسٽروڪ پيدا ڪري رهي آهي، وفاقي حڪومت هن وقت تائين بجليءَ جي بحران تگي قابو ناهي آندو، پ پ چيئرمين جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ ۾ 16 کان 24 ڪلاڪن تائين بجلي بند رکي پئي وڃي، ڳوٺاڻن علائقن ۾ 24 چويهه ڪلاڪ بجلي نه ٿي ملي، هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ لاڳاپيل ادارن ۽ وفاقي حڪومت جو رويو شرمناڪ آهي، وفاقي حڪومت پاڻيءَ ۽ بجليءَ واري وزارت جو عوام سان رويو تذليل جوڳو آهي، سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت بجليءَ جي بحران تي قابو آڻڻ وارو واعدو پورو ناهي ڪري سگھي، سنڌ جو عوام ڪي اليڪٽرڪ پاران غير اعلانيل لوڊشيڊنگ جي عذاب کي منهن ڏئي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *