جمهوريت ڪو خطرو ناهي، وزير اعظم کي سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا: خورشيد شاهه مخالف ڌر

اسلام آباد(بيورو) گڏيل مخالف ڌر پاناماليڪس جي حوالي سان وزيراعظم نواز شريف پاران تجويز ڪيل پالياماني ڪميٽي ۾ شامل ٿيڻ تي راضي ٿي وئي آهي، اسلام آباد ۾ مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته مخالف ڌر پاناماليڪس جي جاچ بابت حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار آهي، جڏهن ته حڪومت طرفان اڃا تائين ساڻن ڪو رابطو ناهي ڪيو ويو، هن چيو ته وزيراعظم ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جيڪا پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جي ڳالهه ڪئي آهي،ان لاءِ به مخالف ڌر پنهنجا نمائندا مقرر ڪرڻ خاطر تيار آهي، سندس چوڻ هو ته ڪميٽي گڏيل صلاح مشوري کانپوءِ پاناماليڪس جي جاچ لاءِ ٽي او آرز ٺاهي ۽ جنهن به فورم تي چاهي، جاچ ڪرائي وڃي، خورشيد شاهه چيو ته مخالف ڌر قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اجلاس جو بائڪاٽ ختم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي ۽ هاڻ پارليامينٽ اندر ئي احتجاج ڪيو ويندو، هن چيو ته ميان نواز شريف وڏي دير کانپوءِ ايوان ۾ آيو، جڏهن ته مخالف ڌر جي پارٽين جو ته گهر ئي پارليامينٽ آهي، اهي پنهنجي گهر کان ٻاهر ڪيئن ٿا رهي سگهن؟ خورشيد شاهه چيو ته مخالف ڌر طرفان وزيراعظم کان جيڪي سوال پڇيا ويا آهن، کيس انهن جو جواب ڏيڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *