پ پ کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي، ڇا ڪرپشن رڳو ڪراچي ۾ ٿي رهي آهي؟: آصف زرداري

ڪراچي(م.ڊ) اڳوڻي صدر آصف زرداري پارٽي جي سينيئر اڳواڻن سان فون تي رابطو ڪري ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري تي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري خورشيد شاهه، يوسف رضا گيلاني ۽ راجا پرويز اشرف سان فون تي رابطو ڪري چيو آهي ته پ پ کي  ديوار سان لڳايو پيو وڃي ۽ هو عدالتي مارشلا کي منهن ڏئي چڪا آهن.  آصف زرداري پ پ اڳواڻن کي ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري تي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڇا ڪرپشن رڳو ڪراچي ۾ ٿي رهي آهي؟، ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري جي رابطي کانپوءِ اسلام آباد ۾ پ پ اڳواڻن جو اجلاس جاري آهي،جنهن کانپوءِ شيري رحمان اڄ شام 6 وڳي اهم پريس ڪانفرنس ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *