وفاق سنڌ ۽ بلوچستان تي ظلم پيو ڪري ته صوبائي حڪومتون ڇا پيون ڪن؟ چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ، تيل ۽ گئس جي رائلٽي واري ڪيس ۾ سنڌ ۽ بلوچستان حڪومتن کان پراڊڪشن بونس ۽ منصوبن جا تفصيل طلب ڪري ورتا، عدالت پڇاڻو ڪيو آهي ته وفاق جيڪڏهن سنڌ ۽ بلوچستان تي ظلم ڪري رهيو آهي ته صوبائي حڪومتون ڇا پيون ڪن؟ چيف جسٽس جواد ايس خواجا جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ بئنچ تيل ۽ گئس جي رائلٽي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس چيو ته سانگهڙ جو پئسو ڪراچي ۽ سکر تي خرچ ٿي رهيو آهي، جيڪا ناانصافي آهي. جواد ايس خواجا چيو ته بلوچستان جي تيل ۽ گئس مان آمدني 34 ملين ڊالر آهي پر اها رقم ٻئي هنڌ استعمال ٿئي ٿي. جسٽس فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته وفاق جيڪڏهن سنڌ ۽ بلوچستان تي ظلم ڪري رهيو آهي ته صوبائي حڪومتون ڇا پيو ڪن؟ ان موقعي تي بلوچستان جي ايڊووڪيٽ جنرل موقف پيش ڪندَي چيو ته پاڪستان پيٽروليم جي ليز ۾ واڌ تي صوبائي سرڪار کي ڳڻتي آهي. بلوچستان جي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته صوبائي سرڪار ان سلسلي ۾ وزيراعظم کي خط پڻ لکيو آهي. جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته بلوچستان حڪومت کي آئيني رستي جو پتو ناهي، وزيراعظم کي خط لکڻ ڪهڙو ڪمال آهي!

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *