پ پ مسلسل 7 سال عوام جو رت پيتو ، سنڌ ۾ جلد گورنر راڄ لڳندو: لياقت جتوئي

خيرپور ناٿن شاهه (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي 7 سالن مسلسل عوام جو رت پيتو آهي، سنڌ ۾ جلد گورنر راڄ لڳندو، رينجرز کي سنڌ ۾ آپريشن ڪرڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ ايم پي اي لياقت علي جتوئي خيرپور ناٿن شاهه جي مدينه ڪالوني ۾ پارٽي ورڪر ڌڻي بخش ٻگهيو طرفان سندن مان ۾ آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته سنڌ ۾ دهشتگردي، ظلم ۽ ڏاڍ جو راڄ آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ گورنر راڄ جي ضرورت آهي، گورنر راڄ لڳندو ته اڇا ڪارا ظاهر ٿي پوندا، هن چيو ته ڊي جي رينجرز کي اندرون سنڌ ۾ آپريشن ڪرڻ جي ضرورت آهي، اندرون سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تمام گهڻي خراب ٿيندي پئي وڃي، خطاب بعد جلسي ۾ ويٺل هڪ ڪارڪن لياقت علي جتوئي کي دانهيو ته کيس خيرپور ناٿن شاهه جا 3 پوليس اهلڪار حاجي کوسو، مختيار شاهه ۽ والي ڏنو ڀتي لاءِ تنگ ڪندا آهن، جنهن تي هن چيو ته مان ان معاملي تحت ڊي آءِ جي حيدرآباد ڊاڪٽر ثناءُ الله عباسي سان ڳالهائيندس، جلسي ۾ لياقت علي جتوئي ڪارڪنن ۽ شهرين جي شڪايتن تي خيرپور ناٿن شاهه شهر ۾ خدمتگار يونٽ جي قيام جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ پارٽي جا ماڻهو شهر جي ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪندا، ان موقعي تي ڊاڪٽر غلام عباس مهيسر، سڪندر کوهارو، فقير محمد شيخ، ايڊووڪيٽ شعبان ملاح، عابد حسين ٻٻر ۽ ٻيا پڻ جلسي ۾ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *