ايم ڪيو ايم اڳواڻ سان ملاقات جي سختي سان ترديد مرڻ جيئڻ پ پ سان آهي: ذوالفقار مرزا

بدين (م.ڊ) سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا هلندڙ مهيني دوران لنڊن يا دبئي ۾ ڪنهن به ايم ڪيو ايم اڳواڻ سان ملاقات جي خبرن جي سختي سان ترديد ڪري ڇڏي آهي لنڊن مان ٽيليفون جي ذريعي ميڊيا جي نمائندن  سان ڳالهائيندي سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير چيو ته هو سيپٽمبر 2011 ۾ ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف لڳايل الزامن تي قائم آهي ڄاڻايل پريس ڪانفرنس ۾ ذوالفقار مرزا قرآن پاڪ مٿي تي کڻي ايم ڪيو ايم جي سربراهه سميت پارٽي جي ڪيترن ئي اڳواڻن تي دهشتگردي ۽ وڏن ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جا الزام مڙهيا ۽ دعويٰ ڪئي ته ان وٽ ان حوالي سان ثبوت به موجود آهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته هو ڳجهين ملاقاتن تي يقين نٿو ڪري هن الزام عائد ڪيو ته بحريه ٽائون جو سربراهه ملڪ رياض ۽ مصطفيٰ ڪمال هاڻي به ايم ڪيو ايم جي ڏنل هدايتن مطابق ڪم ڪن ٿا ۽ هو اهڙن ماڻهن سان ڳالهائڻ جو سوچي به نٿو سگهي ان موقعي تي هن هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد کي عهدي تان هٽائڻ ۽ ان جي خلاف ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن صولت مرزا جي ڊيٿ سيل مان جاري ٿيل هڪ وڊيو ۾ لڳايل الزامن تي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو اڳوڻي صوبائي گهرو وزير چيو ته صولت مرزا جو وڊيو بيان ۽ ان پاران 2011 ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف لڳايل الزام هڪ جهڙا ئي آهن هن اهو عزم جو اظهار ڪيو ته هو ايم ڪيو ايم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ موجود دهشتگردن ۽ ڏوهارين جي خلاف پنهنجي جنگ جاري رکندا ذوالفقار مرزا هڪ دفعو ٻيهر تصديق ڪئي ته ان جو تعلق پيپلزپارٽي سان قائم ۽ دائم آهي ۽ هو پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پارٽي جي دشمنن خلاف پنهنجي مهم ٻيهر شروع ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *