پ پ جو اجلاس، سنڌ حڪومت خلاف ٿيندڙ سازشن تي ويچاريو ويو

ڪرچي(اسٽاف رپورٽر) بلاول هائوس ڪراچي ۾ پ پ ڪو چيئرمين آصف زرداري جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو آهي، سنڌ حڪومت خلاف سازشن ۽ ٿر جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو آهي.  آصف زرداري جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني، شرجيل ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي آهي. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت خلاف ٿيندڙ سازشن ۽ موجودهه سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٿر جي صورتحال تي به غور ويچار ڪيو ويو آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته پ پ حڪومت خلاف هر دور ۾ سازشون ڪيون ويون پر اهي هميشه ناڪام ويون هاڻي به انهن کي ناڪامي ئي نصيب ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *