صدر ڦاهي جي منتظر پنجن قيدين جون رحم واريون اپيلون رد ڪري ڇڏيون

اسلام آباد(بيورو) صدر ممنون حسين، ڦاهي جي منتظر پنجن قيدين جون رحم واريون اپيلون رد ڪري ڇڏيون. قتل جي ڏوهه ۾ موت جي سزا جي جوابدار صولت مرزا، محمد سعيد اعواڻ، طلحهٰ حسين، شاهد حنيف ۽ خليق احمد جون رحم واريون اپيلون رد ڪيون ويون. وفاقي گهرو وزارت، سنڌ حڪومت کي خط ذريعي آگاهه ڪيو آهي ته صدر پنجن جوابدارن جون رحم واريون اپيلون رد ڪيون آهن جنهن ڪري قانوني طريقي تحت ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. واضح رهي ته ڦاهيءَ جي منتظر قيدي صولت مزار، ڪــَي اليڪٽرڪ جي اڳوڻي ايم ڊي ملڪ شاهد حامد جي قتل ۾ ملوث هو جنهن کي عدالت 1999ع ۾ ڦاهي جي سزا جو حڪم ڏنو هو. محمد سعيد اعواڻ تي الفلاح ٿاڻي ۾ قتل جا 20 ڪيس داخل آهن جڏهن ته ٻين جوابدار طلحهٰ حسين، محمد شاهد ۽ خليق احمد خلاف گلبهار ٿاڻي تي قتل جا ڪيس داخل هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *