پي ٽي آءِ قيادت ڄاڻي ٿي ته فارين فنڊنگ ڪيس ۾ هو ڦاسي چڪا آهن : شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پي ٽي آءِ رهنماءَ فواد چوڌري پاران اليڪشن ڪميشن متعلق بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف فارين فنڊنگ ڪيس ۾ پنهنجي خلاف ايندڙ فيصلي تي بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر تي الزام هڻڻ مذمت جوڳو عمل آهي. هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي چونڊ جو ڪريڊٽ خود عمران خان وٺندو رهيو، پي ٽي آءِ قيادت ڄاڻي ٿي ته فارين فنڊنگ ڪيس ۾ هو ڦاسي چڪا آهن. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملڪ جي ادارن تي بهتان هڻڻ پي ٽي آءِ جي عادت بڻجي چڪي آهي. اسين افواج پاڪستان، عدليه، اليڪشن ڪميشن ۽ سمورن ادارن سان گڏ آهيون. شرجيل انعام وڌيڪ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جا رهنماءَ ملڪ جي ادارن تي الزام هڻڻ کان پاسو ڪن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *