عمران صاحب اوهان جو صدر آئين ٽوڙي رهيو آهي تنهنڪري رات جو عدالتون کلن ٿيون: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو اهي ته صدر ۽ گورنر سميت پوري پي ٽي آئي بيمار ٿئي تڏهن به حمزه شهباز حلف ضرور کڻندو عدالتن جي حڪمن جا بکيا اڍيڙيو ٿا ۽ پوءِچئو ٿا ته رات جو عدالتون ڇو کليون عمران صاحب اوهان جو صدر پنجاب ۾ آڻي ٽوڙي رهيو آهي تنهنڪري رات جو عدالتون کلن ٿيون مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ چيو ته عمران صاحب آئين ٽوڙڻ ڇڏي ويو پارليمان جا اغوا ڪندڙ نه بڻجو آئين جمهوريت ۽ پارليمان کي يرغمال بڻايو ٿا ۽ پوءِ چئو ٿا ته عدالتون ڇو کلن ٿيون پوري قوم عارف علوي پاران آئين ٽوڙڻ کي ڏسي رهي آهي عدالتون کلن ته عمران صاحب سازش جو ڪوڙ ڳالهائڻ شروع ڪندا عدالتن تي به الزام مڙهي ڇڏيندا مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب، ان جي صدر علوي، گورنر پنجاب سميت هن آئين ٽوڙيندڙ ٽولي کي آرٽيڪل 6 جي سزا ملڻ گهرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *