پي سي بي هڪ ڀيرو ٻهير فواد عالم مٿان مهربان، نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي طلب

لاهور(اسپورٽس نيوز) ماضي ۾ نظرانداز ڪيل قومي ڪرڪيٽر فواد عالم مٿان هڪ ڀيرو ٻهير پي سي بي مهربان ٿي وئي آهي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي باوجود  فواد عالم کي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب گذريل ڪيتري ئي عرصي کان قومي سلڪيشن ڪميٽي مٿان تنقيد جو سلسلو جاري آهي. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب پي سي بي چيئر مين جي ذاتي ڪوششون وٺندي فواد عالم کي اڄ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور طلب ڪيو ويو آهي جتي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر، چيف سليڪٽر انضمام الحق ۽ ٻين ڪوچن جي نگراني ۾ سندس صلاحيتن کي پرکيو وينديو. فوام عالم قومي ٽيم طرفان پنهنجي ڊبيو ٽيسٽ ۾ سينچري اسڪور ڪئي هئي.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن  مڪي آرٿر فواد عالم جي شموليت جو گرين سگنل ڏنو ته کيس قومي ٽيم جو حصو بڻائي سگهجي ٿو. ان حوالي سان لاهور ۾ شيڊول هڪ تقريب دوران چيف سليڪٽر انضام الحق جو چوڻ هو ته فواد عالم سميت ڪنهن به رانديگر سان ناانصافي نه ڪئي ويندي. کيس ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪرڻ وارو تاثر غلط آهي، فواد عالم کي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ گهرائي رهيا آهيون. انضمام الحق وڌيڪ چيو ته هڪ ڏينهن ۽ ٽي 20 فارميٽ ۾ ٽيم سيٽ آهي جڏهن تي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ تبديليون ڪري سگهجن ٿيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *