احمد شهزاد جي مسلسل ناڪامي کان پوءِ کيس  قومي ٽيم مان ڊراپ ڪرڻ جو اصولي فيصلو 

لاهوور(اسپوٽس نيوز) ٽيسٽ اوپنر احمد شهزاد جي مسلسل ناڪامي کان پوءِ کيس  قومي ٽيم مان ڊراپ ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي. ويسٽ انڊيز خلاف 3 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن ۾ احمد شهزاد پاڪستان جي ٽيم جو حصو نه هوندو. جڏهن ته سيليڪشن ڪميٽي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر کي تجويز ڏني آهي ته هو آل رائونڊر عامر يامين ۽ محمد نواز کي موقعو ڏين ته جيئن انهن ۾ موجود ٽيلينٽ جو اندازو ٿي سگهي. احمد شهزاد تازي ميچن ۾ بيٽنگ جي صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو جنهن جي سبب ان کي لاهور ۾ سريلنڪا خلاف ٽي 20ميچ مان ڊراپو ڪيو ويو هو. احمد شهزاد سري لنڪا خلاف ابو ظهبي ۾ کيڏيل 2 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ هن 27 ۽ 22 رنز ٺاهيون هون جڏهن ته ون ڊي سيريز ۾ هن صفر ۽ 8 رنز ٺاهيون. 25 سالن جي احمد شهزاد پاڪستان طرفان ٽئي فارميٽن ۾ سنچريون بڻايون آهن. احمد شهزاد لاهور ۾ کيڏيل ميچ ورلڊاليون خلاف آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾49 رنز ٺاهيون،جڏهن ته پاڪستان پاران 13 ٽيسٽ 81 ون ڊي انٽرنيشنل ۽ 53 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏندڙ احمد شهزاد کي سپر ليگ جي ٽيم ڪوئٽيا گليڊي ايٽرز به جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ ته هن وقت  احمد شهزاد ڪا به فرنچائز ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *