پي آءِ اي کي نئين دلي آفيس بند ڪرڻ ۽ عملي کي ڀارت ڇڏڻ جو حڪم

نئين دلي (م.ڊ) ڀارتي اختيارين نئين دهلي ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز جي آفيس ۽ اختيارين تي چڙهائي ڪري ڇڏي ۽ حڪم جاري ڪري ڇڏيو ته دلي ۾ پي آءِ اي آفيس نه صرف فوري طور تي بند ڪئي وڃي پر مينيجر سعيد احمد به فوري وطر تي دلي ڇڏي ڏئي، دلي ۾ پي آءِ اي جي آفيس بند ڪئي وڃي، ڀارتي اختيارين پي آءِ ي کي نوٽيس موڪلي ڇڏيو، اسٽيشن مينيجر سعيد احمد کي فوري طور تي دلي ڇڏڻ جو حڪم ڏنو، پاڪستاني اسٽاف جي ويزائن ۾ واڌ کان انڪار ڪيو ويو، ڀارتي اختيارين هي قدم پي آءِ اي تي دلي ۾ غير قانوني طور تي فليٽ خريدڻ جا الزام لڳائي کنيا آهن، جڏهن ته حيقيت ۾ فليٽ ۽ آفيسن جو معاملو اڃان عدالت ۾ آهي ۽ پي آءِ اي اختيارين مطابق سموري خريداري ڀارتي قاعدن ۽ ضابطن تحت ڪئي وئي آهي معاملو هي آهي هت پي آءِ 2005ع ۾ نئين دلي ۾ کمبا روڊ تي 4 فليٽ خريد ڪيا هئا جن ۾ پي آءِ اي جي آفيس به شامل هئي، 2005ع ۾ خريد ڪيل انهن فليٽن تي ڀارتي اختيارين گذرلي سال پي آءِ اي کي نوٽيس موڪليو ته پاڪستاني ادارا فليٽن جي خريداري ۾ ڀارتي قاعدن جي پاسداري نه ڪئي ۽ ان ئي سبب هي خريداري غير قانوني ٿي وئي آهي پي آءِ اي نومبر 2014ع ۾ ان ليگل نوٽيس جو جواب ڏنو جنهن ۾ چيو ويو ته هي پراپرٽي خريد ڪرڻ وقت 2005ع ۾ ڀارتي اختيارين کان ڪليئرنس ملي هئي سمورا قائدا پورا ڪيا ويا ۽ سٽي بينڪ ذريعي ادائگي ڪئي وئي، هاڻ هي معاملو عدالت ۾ آهي پر ڀارتي اختيارين کان فيصلو اچڻ تائين صبر نه ٿيو ۽ هنن پي آءِ اي جي آيس ۽ عملي تي چڙهائي ڪري ڏني ذريعن مطابق پي آءِ اي جي اسٽيشن مينيجر سعيد احمد کي حراسان به ڪيو ويو ۽ عملي کي به چيو ويو ته انهن کي هتي نه رهڻ ڏنو ويندو ذريعن مطابق ڀارتي اختياريون پرڏيهي سيڪريٽري جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهيون ملتوي ٿيڻ کانپوءِ دلي ۾ پي آءِ اي جي آفيس پويان پيل آهن، هن وقت هفتيوار 2 اڏامون لاهور کان دلي لاءِ ويندوين آحن جيڪڏهن هي آپريشن بند ٿيو ته مسافرن کي واهگا بارڊر ذريعي ئي وڃڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *