فرانسيسي رسالي پاران گستا خ خاڪا شايع ڪرڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا

ڪراچي (نمائندن وٽان) فرانسيسي رسالي پاران گستا خ خاڪا شايع ڪرڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا پيا وڃن. نوابشاھه ۾ مولانا محمد شريف لغاري،سيد غلام علي شاھه،محمد حسن چانڊئي،مولانا محمد عالم مري، مولانا محمد صالح شر ۽ ممتاز سيال جي اڳواڻي ۾ شيعه عـُلماءِ ڪائونسل پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. شڪارپور جماعت اھلسنت پاران مولوي حبيب الرحمان قادري جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن مدرسه غوثيه جيلاني کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي. خيرپور ۾ جميت علماءِ اسلام جي سڏ تي مولانا عبدالله عباسي،مولانا مفتي اصغر علي آرائين ۽ مولانا پريل شاهه‎ جي اڳواڻي ۾ حماديه مدرسي اسٽيشن روڊ کان پـَنجگـُلا چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي. تنگواڻي ۾ جماعت اهلسنت جي اڳواڻ مولوي اڪرم لاشاري،فقير محمد عارف، نور محمد قادري ۽ نظر محمد ڪرمي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي. مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرن ۽ ريلين کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته عالمي سازش تحت فرانسيسي رسالي ۾ گستاخ خاڪا شايع ڪري مسلم دنيا کي چڙ ڏياري وئي آهي. ھنن چيو ته اسلام مخالف عـَنصرن ،مسلمانن جي جذبن سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي آھي،جيڪو عمل برداشت جوڳو ناهي. اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته گستاخ خاڪا شايع ڪرڻ جهڙيون ڪريل حرڪتون بند نه ڪيون ويون ته سڄي دنيا جو امن خراب ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *