پيپلز پارٽي پورهيتن جي درسگاهه، پيار امن ۽ ترقي جي پارٽي آهي: ناصر حسين شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات، پورهئي، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي پيار امن ۽ ترقي جي پارٽي آهي، جتي انسان کي پيار، امن ۽ ترقي ملي ٿي، ڇو ته هو عوام کي خدمت ڪرڻ واري پارٽي جو حصو بڻجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ 70هين جشن آزادي جي تقريب جي سلسلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ بلاول لورز آرگنائيزيشن (بي ايل او) جي چيئرمين، سنڌ ڪونسل جي ميمبر ۽ پي ايس 252 لاءِ اميدوار اصغر بهاري پاران پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ ڪيڪ ڪٽڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻڻ سليم سومرو، راڻا غفران سميت ڪارڪنن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته اڄ اسان جشن آزادي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهيا آهيون. پيپلز پارٽي پورهيتن جي درسگاهه آهي ۽ ان جو ثمر آهي ته مختلف پارٽين مان شخصيتون عوامي پارٽي ۾ محبت ۽ امن جي پيغام کي پکيڙڻ لاءِ شموليت اختيار ڪري رهيون آهن. تقريب کي اصغر بهاري، سليم سومرو ۽ متحده قومي موومينٽ ڇڏي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪندڙ عمر گوگا ۽ ٻين به جشن آزادي کي خطاب ڪيو ۽ شهيدن لاءِ مغفرت جي دعا ڪندي 70هين جشن آزادي جو ڪيڪ ڪاٽيو. ٻئي طرف صوبائي وزير سيد ناصر حسين ڪراچي پريس ڪلب جي جشن آزادي فيسٽول ۽ فن گالا تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ پوري قوم زرو شور سان جشن آزادي جون تقريبون منعقد ٿي رهيون آهن. ڪراچي وارن سڀني کان وڌيڪ خوشي جو ڏينهن آزادي جو ڏينهن سهڻي نموني ملهائي زندهه قوم جو ثبوت ڏنو آهي. زندهه قومون پنهنجن بزرگن ۽ محسنن جي قربانين کي ياد رکن ٿيون. زندگي ۾ ڪم ڪرڻ ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪرڻ تمام وڏو ڪم آهي. الله تعاليٰ اسان جي ملڪ پاڪستان کي شاد ۽ آباد، قائم دائم رکي ۽ اهڙيون خوشيون سالن تائين ملهائيندا رهون. هن فيسٽيول ۾ مختلف پروگرامن ۽ سرگرمين ۾ حصو وٺندڙ ٻارڙن ۾ انعام ۽ شيلڊز به ورهايا. ان کان اڳ پريس ڪلب جي صدر سراج احمد ۽ سيڪريٽري مقصود يوسفزئي پروگرام جي مقصد جي باري ۾ آگاهي ڏني ۽ پريس ڪلب جي ميمبرن ۽ خاندان جي سرگرمين ۾ دلچسپي جي حوالي سان انهن کي شامل قدم رهڻ لاءِ ترغيب ڏني ۽ جشن آزادي جي تقريب ۾ ڀرپور حصو وٺڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته آزادي کي قائم رکڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.  مختلف پروگرامن ۽ سرگرمين ۾ ڪامياب ٿيندڙ ٻارن ۽ نوجوانن کي شيلڊ ۽ انعام ڏنا ويا، جنهن ۾ ملي نغمن سميت محمد عمر، ذوالفقار، عبدالرزاق، عادل حسين، ڪنور عارف هاشمي، فاطمه، عبيري، احسن لاشاري ۽ ٻين کي مبارڪون ڏنيون. ان موقعي تي اڳوڻي صدر پريس ڪلب عارف هاشمي، فاضل جميلي، اي ايڇ خانزاده، خورشيد عباسي، شمس ڪيريو، ضياءُ قريشي، شڪيل حسنين، حاجي الطاف مجاهد ۽ سينيئر صحافين ۽ سندن خاندان به تقريب ۾ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *