پاڪستان جي حفاظت ڪرڻ اسانجو ايمان آهي هن ڌرتي کي هڪ صالح نظام جي ضرورت آهي : سراج الحق

ٽيڪسلا (اين اين آءِ) پاڪستان جي حفاظت اسانجو ايمان آهي هن ڌرتي کي هڪ نيڪ نظام جي ضرورت آهي. قوم انگريزي استعمال جي غلامي قبول ڪرڻ جي لاءِ تيارنه آهي، ڪرپشن ڪوڙ ڌانڌلي جو خاتمو ئي اسانجي ڪاميابي ۽ ترقي جو رستو آهي، اسان پاڪستان کي امن ۽ سلامتي جو خطو بنائڻ چاهيون ٿا، ڪرپشن جي خلاف اسانجي تحريڪ جو مقصد عوام جي بنيادي تحريڪ جو مقصد آهي جيڪي ڪرپٽ ماڻهن جمهوريت ۽ سياست جي آڙ ۾ غضب ڪري ويٺا آهن. آئين کي پنهنجي مرضي خواهش موجب بنائيندڙ جمهوريت جا دشمن آهن، 62 ۽ 63 جي خاتمي جي ڪوشش هڪ خطرناڪ غلطي هوندي، اهڙن خيالن جو اظهار جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحَق ٽِڪسلا ۾ جماعت اسلامي ج ضلعي اڳوان شمس الرحمان سواتي جي پٽ جي دعوت جي وليمي جي شرڪت تي اين اين ائي جي صحافي سان ڳالهائيندي ڪئي. شمس الرحمان سواتي جي پٽ جي شادي  تي مبارڪ ڏيندي چيو ته اولهندي طاقتون پاڪستان ۾ نظآم تبديلي نه ٿيون چاهين هو ان ڪرپٽ نظآم کي مضبوط ڪرڻ لاءِمختلف طريقا اختيار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ستر سال گذري ويا. پر اسان پاڻ کي اڃان تائين سنڀالي نه سگھِياسين ڇو ته انگريز هليو ويو پر هڪ اهڙو نظام ڇڏي ويو جنهن پاڪستان جي ترقي جا رستاروڪي ڇڏيا آهن، هن چيو ته نوازشريف پاڻ کي سوڙهي گھٽي ڏانهن بند ڪري رهيو آهي اسانکي جنگ نوازشريف يا ڪنهن ماڻهون جي خلاف نه اسانجي جنگ ڪنهن سياسي پارٽي جي خلاف نه پر اسان سڀني جي احتساب جو  مطالبو ڪيو آهي اسان جنرلن، ججن ۽ سمورن سياسي قيادت جو احتساب جو مطالبو ڪيو، سڀ کان اڳ اسان پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيون ٿا، هن چيو ته پاڪستان جي عوام امن ۽ سڪون جي زندگي ڇاهي ٿي. هميشا انجي صبر جو امتحان ورتو ويو ۽ انهن جي خوابن کي مٽي ۾ ملايو ويو، جمهوريت جي نالي انهن جي جذبن سان کيڏيو ويو هي ڪهڙو جمهوري نظام آهي جنهن ۾ عوام کي انجا بنيادي حق ئي نه ملي سگھن. هن چيو ته جماعت  اسلامي پاڪستان جي عوام جي حقن جو تحفظ ۽ اهڙي ڪرپٽ نظام جي خاتمي جي لاءِ عملي جدوجھد جاري رکندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *