پيپلز پارٽي پاران شيري رحمان کي سنڌ مان سينيٽر بڻائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر شيري رحمان کي سنڌ مان سينيٽر بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، پيپلز پارٽي جي  سينيٽرن مان هڪ ميمبر کان استعيفيٰ وٺي ان جي جاءِ تي شيري رحمان کي سينيٽر بڻايو ويندو، پ پ جي ذريعن مطابق شيري رحمان سفير جي عهدي تان لهڻ جا 2 سال پورا نه ٿيڻ سبب آئيني پابندي پوري نه ٿيڻ سبب سينيٽ چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهي هئي هوءَ 23 نومبر 2011ع کان 14 مئي 2013ع تائين آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رهي ذريعن مطابق سنڌ مان پيپلز پارٽي جي سينيٽر عبداللطيف انصاري جي جاءِ تي شيري رحمان کي سينيٽر بڻائڻ جو امڪان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *