جيترو وقت به چيئرمين سينيٽ رهندس پارليامينٽ جي بالادستي ۽ آئين جي تحفظ کي يقيني بڻائيندس: رضا رباني

لاڙڪاڻو (بيورو) چيئرمين سينيٽ ميان رضا رباني اڄ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو، مرحومه بيگم نصرت ڀٽو ۽ مرحومه امير بيگم جي مزارن تي حاضري ڀري فاتح پڙهي ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جنهن وقت مان شهيد ڀٽو جي دور ۾ سياست جي شروعات ڪئي ته شهيد  ذوالفقار علي ڀٽو منهنجو سياسي استاد هو ۽ اڄ جنهن مڪام تي آهيان اهو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪري آهيان. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هن ملڪ کي مطفقه طور تي 1973ع جو آئين ڏنو جيڪو ان وقت جي سڀني سياسي پارٽين جي رضامندي سان آيو جنهن کي ڊڪٽيٽرن ۽ آمرن ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوءِ به ان کي ختم نه ڪري سگهيا. هن چيو ته 1973ع جو آئين هن ملڪ جي تحفظ ۽ ادارن جي سلامتي جو ضامن آهي ۽ هن آئين جي ڪري ئي صوبن ۽ مرڪز وچ ۾ اتفاق آهي ۽ مختلف آمريتن جي دور ۾ ڪارڪنن قيد وبند جون سختيون برداشت ڪري هن آئين جي بالادستي کي يقيني بڻايو ۽ ان کي ختم ٿيڻ نه ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته اهو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو وزن هو جو هن ميثاق جمهوريت کي قائم رکڻ لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي جان جو نظرانو ڏنو ۽ ان نقشي قدم تي هلندي گذريل پ پ پ حڪومت صوبن کي 18 آئيني ترميم ڏئي وڌيڪ خودمختيار بڻايو ۽ هينئر آءَ چئني صوبائي حڪومتن کي گذارش ڪندس ته اهي 18 آئيني ترميم تي عمل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته آءُ جيترو وقت به چيئرمين سينيٽ رهندس ته پارليامينٽ جي بالادستي ۽ آئين جي تحفظ کي يقيني بڻائيندس.  ان موقعي تي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن ڊاڪٽر سعيد احمد مڱڻيجو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو، پ پ پ اڳواڻ عبدالفتاح ڀٽو ۽ ٻيا سوين ڪارڪن موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *