پيپلز پارٽي ميڊيا ٽربيونل کي رد ڪري ڇڏيو، مذاحمت جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ميڊيا ٽربيونل کي رد ڪندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت مخالفن کي نشانو بڻائڻ جي مهم تي آهي. حڪومت سياسي مخالفن وانگر تنقيد ڪندڙن کي به ڪوڙن ڪيسن ۾ جيلن ۾ وجهڻ چاهي ٿي. بلاول هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي ڪنهن به قيمت تي ميڊيا ٽربيونلز جو بل اسيمبلين مان پاس ڪرڻ نه ڏيندي. حڪومت سياسي مخالفن ۽ تنقيد ڪندڙن کي به خاموش ڪرڻ جو سولو طريقو ڳولي ڪڍيو آهي. انهن ٽربيونلز جي ذريعي مخالفن کي نشانو بڻايو ويندو. ان کان اڳ نيب ذريعي سياسي مخالفن کي ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هنن ميڊيا ٽربيونلز جو مقصد به مخالفن ۽ تنقيد ڪندڙن جو آواز دٻائڻ آهي. هن چيو ته پي ٽي آئي جي سوشل ميڊيا به مودي جي چيلن وانگر ڪم ڪري ٿي، ان جو ڪم شهرين کي آن لائن ڌمڪائڻ ۽ ڊيڄارڻ آهي. پاڪستاني ميڊيا سينسرشپ جي بدترين دور مان گذري رهيا آهن. بلاول ڀٽو چيو ته پيپلزپارٽي صحافت جي آزادي جي علمبردار آهي. هاڻوڪي حڪومت ئي ڪنهن به قيمت تي صحافت جي آزادي کي بڻائڻ نه ڏيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *