وزيراعظم گهوٽڪي واقعي کي سندس تقرير سبوتاز ڪرڻ جي سازش قرار ڏئي ڇڏيو

پشاور (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم گهوٽڪي واقعي کي سندس تقرير سبوتاز ڪرڻ جي سازش قرار ڏئي ڇڏيو. طورخم سرحد تي نئين ٽرمينل جي افتتاحي تقريب دوران وزيراعظم عمران خان صحافين جي سوالن جا جواب ڏنا ۽ گهوٽڪي ۾ هندو برادري جي عبادتگاهن کي نقصان پهچائڻ توڙي مظاهرن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. وزيراعظم چيو ته گهوٽڪي واقعو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران سندس تقرير کي سبوتاز ڪرڻ جي سازش آهي. قائد اعظم سمورين اقليتن کي خاطري ڪرائي هئي ته اُهي به هن ملڪ ۾ برابر جا شهري آهن. اسلام ۾ به اقليتن کي برابر جا شهري حق ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *