پيپلز پارٽي جي نئين سياسي حڪمت عملي تيار، فريال ۽ آصفه ڀٽو سنڌ سنڀالينديون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي چوننڊن جي لاءِ نئين حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي جنهن جي تحت فريال ٽالپر ۽ آصفه ڀٽو سنڌ کي سنڀالينديون جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري پنجاب م جلسن کي خطاب ڪندو. پنجاب جي اهم شخصيتن آصف علي زرداري سان رابطو ڪيو آهي جنهن تي اڳوڻي صدر پراڻي سياسي ساٿين سان گڏجي اڳتي وڌڻ جو سنگل ڏنو آهي. پيپلز پارٽي جي نئين سياسي حڪمت عملي جي تحت سنڌ ۾ پيپلز پارٽي  جا معاملا فريال ٽالپر ۽ آصفه ڀٽو سنڀالينديون ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تان اليڪشن وڙهنديون جڏهن ته مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه به صوبائي اسيمبلي مان اليڪشن وڙهندو جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري پنجاب کي ڪور ڪندو ۽ جلسن کي خطاب ڪندو جنهن جي لاءِ سڄي پنجاب ۾ جلسن جي لاءِ رابطا مهم تيز ڪئي وئي آهي ۽ چونڊ مهم دوران سينٽرل پنجاب ۾ ڊور ٽو ڊور چونڊ مهم شروع ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *