آصف زرداري سان بلاول ڀٽو جي ملاقات، چترال ۽ چنيوٽ جي ڪامياب جلسن جي حوالي سان آگاهه ڪيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جيڪو اڄ ڪراچي کان لاهور پهتو ملاقات ڪري موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آصف علي زرداري کي چترال ۽ چنيوٽ جي ڪامياب جلسن جي حوالي سان آگاهه ڪيو، ان کانپوءِ آصف زرداري، ميان منظور وٽو، فرحت الله بابر، سينيٽر ڊاڪٽر قيوم سومرو، قمر زمان ڪائرا ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اڳوڻي صدر پ پ پنجاب جي قيادت جي جلسن جي ڪاميابي تي انهن جي تعريف ڪندي مبارڪ ڏني. آصف زرداري اين اي 120 تي ننڍي چونڊ جي حوالي سان پارٽي اڳواڻن سان مشورو ڪيو ۽ حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي، اڳوڻي صدر پارٽي عهديدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ڪارڪنن کي سرگرم ڪن ۽ عهديدار ڏينهن رات ڪم ڪري فيصل مير جي چونڊ مهم هلائين. هن چيو ته تازو ئي پ پ گلگت ۽ ڪراچي جون سيٽون کٽي اهو ثابت ڪيو آهي ته پ پ عوام جي دلين ۾ موجود آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *