پيپلز پارتي جو فوجي عدالتن جي معاملي کي پارليامينٽ ۾ کڻي وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي فوجي عدالتن جي معاملي کي پارليامينٽ ۾ کڻي وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي فوجي عدالتن ۾ هڪ سال واڌ جي تجويز ڏني آهي ۽ ان معاملي کي پارليامينٽ ۾ کڻي وينداسين، فوج هجي يا حڪومت اسان جا دروازا ڳالهين لاءِ هميشه کليل آهن، پريس ڪانفرنس ڪندي آصف علي زرداري چيو ته فوجي عدالتن جا مخالف ناهيون، اسان فوج سان گڏ آهيون، پاڪستان، قوم ۽ فوج اسان سڀ هڪ آهيون، حڪومت کي 9 نڪاتي تجويزون پيش ڪيون وينديون، آئين جو حصو قانون شهادت به لاڳو ٿيندو، ڏوهاري کي پسند جو وڪيل ڪرڻ جو حق به هوندو، 24 ڪلاڪن ۾ جوابدار کي رمانڊ جي لاءِ پيش ڪيو ويندو، هڪ سوال جي جواب ۾ آصف زرداري جو چوڻ هو ته سنڌ لاءِ رينجرز جو قانون ٻين صوبن کان مختلف آهي، قانون اهڙو هجڻ گهرجي، جنهن ۾ دهشتگردي جي به تشريح هجڻ گهرجي، پيپلز پارٽي دهشتگردن جي خلاف جنگ وڙهي رهي آهي ۽ وڙهندي رهندي ۽ اهو به باور ڪرائڻ چاهيون ٿا ته اسان غير سياسي قوتن خلاف گڏجي هلڻ لاءِ تيار آهيون، هن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب لاءِ رينجرز جي نوٽيفڪيسن ۾ فرق آهي، سنڌ ۾ رينجرز جا اختيار ٻئي صوبي کان مختلف آهن، دهشتگردي جي لاءِ جٽ بليڪ جو اصطلاح هيو پر جٽ بليڪ ۾ اچي ويو ڊاڪٽر عاصم، اسان پهرين به ضمانتي بڻجي دوستن کان قانون منظور ڪرايا، حڪومت جي ناڪامي آهي، لاهور ۾ ملتان روڊ سال ۾ 3 دفعاڀڄي پوندو آهي، جڏهن ته حڪومت کي پرواهه ناهي ته پوءِ اسان کي ڇا، پاڪستان جي مستقبل جي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان جي لاءِ حڪومت وٽ پئسا ناهن، اهڙي حڪومت ناهي ڏٺي جنهن ۾ پرڏيهي وزير نه هجي، نان اسٽيڪٽ ايڪٽر ملڪ جي لاءِ نقصان آهن، اسان انهن سان وڙهڻ لاءِ تيار آهيون، اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته نيشنل ايڪشن پلان ناڪام ٿيو آهي ته دوستن جي مدد سان ان کي مضبوط بڻائڻو آهي، حڪومت وٽ روڊ ڊاهي ٺاهڻ لاءِ پئسا آهن پر نيشنل ايڪشن پلان لاءِ ناهن، اسان جي دور ۾ سوات آپريشن ٿيو، هڪ ملين آئي ڊي پيز کي واپس اماڻيو ويو، ڪراچي اڄ هڪ سڀ کان وڏو پختون شهر آهي، اسان جو ڪم فوج جي دل شڪني ڪرڻ نه دهشتگردن سان مقابلو ڪرڻ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *