ايم ڊي واٽر بورڊ کي هٽائڻ جو حڪم، سڀ سيڪريٽري نلڪن جو پاڻي پيئن: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ ايم ڊي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ مصباح الدين فريد کي جلد عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏيندي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ايم ڊي واٽر بورڊ ڪيڊر ڪوسٽ آهي ڪنهن ڪيڊر آفيسر کي ايم ڊي ڪراچي واٽر بورڊ مقرر ڪيو وڃي ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته شرم جهڙي ڳالهه آهي ته نيوڪليئر پاور آهي ۽ آلوده پاڻي صاف ڪرڻ جو حل نٿا ڪڍي سگهو جسٽس امير حاني مسلم چيو ته سنڌ جا ماڻهو منڇر ڍنڍ جو زهريلو پاڻي واپرائي مري رهيا آهن تفصيل موجب سومر تي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ آلوده پاڻي تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي واٽر ڪميشن سپريم ڪورٽ رجسٽري ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي سپريم ڪورٽ رجسٽري ۾ پيش ڪيل واٽر ڪميشن رپورٽ ۾ حقيقتون بي نقاب ٿيون آهن رپورٽ ۾ ڪراچي حيدرآباد ڪوٽڙي بدين ٺٽو لاڙڪاڻو شڪارپور سکر جيڪب آباد ۽ عمرڪوٽ ۾ 85 سيڪڙو آبادي کي گندو ۽ صحت کي خراب ڪندڙ پاڻي جنهن سبب ماڻهو اڪثر مرضن جو شڪار آهن. آبادگاري ۾ به گندو پاڻي استعمال ڪيو پيو وڃي ڪميشن رپورٽ موجب ڪراچي ۽ لاڙڪاڻو 80 سيڪڙو، شڪارپور 88 سکر 82 ۽ حيدرآباد ۾ 85 سيڪڙو پاڻي استعمال جوڳو نه آهي رائس ڪئنال ديهه ڳڙهي ايريگيشن ۽ انڊس ڪئنال ۾ گندو پاڻي شامل ڪيو پيو وڃي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سيوريج جڏهن ته جيڪب آباد ۽ ٺٽي ۾ واٽر پلانٽس موجود ئي نه آهن ڪوٽڙي بدين مٺي عمر ڪوٽ ۽ ميرپورخاص ۾ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس ناڪاره ٿي ويا آهن محمود آباد ۾ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ جي سوا ايڪڙ ايراضي تي قبضو ۽ غيرقانوني ليز ڏني ويئي آهي شهر جو گندو پاڻي سمنڊ ۾ ڇڏڻ سان آبي حيات مينگروز ۽ ٻين کي خطرا آهن رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته آر او پلانٽس جي تنصيب ۾ اربين رپين جو فراڊ ڪيو ويو سڄي صوبي ۾ 700 کان وڌيڪ پلانٽس جي تنصيب ڪئي ويئي ۽ ان کان پوءِ ان جو معيار ۽ ڪارڪردگي تجزيو ڪرڻ کان سواءِ اربين رپين جون ادائيگيون ڪيون ويون لاڙڪاڻي جي 70 لک آبادي آهي رائس ڪئنال ۾ 18 هنڌن تي گندو پاڻي وڌو پيو وڃي جڏهن ته گندي پاڻي لاڙڻي مان جوهي تائين پوکائي ۽ پيئڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي لاڙڪاڻو 88 سيڪڙو جڏهن ته شڪارپور جو 79 سيڪڙو زيرزمين پاڻي پيئڻ جي لائق نه آهي رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڪوٽڙي ۾ نسب ڪيل واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ بند ٿي چڪو آهي ڪوٽڙي جو گندو پاڻي ڪي بي فيڊر ۾ وڌو پيو وڃي اهو پاڻي ڪراچي کي فراهم ڪيو پيو وڃي. جسٽس امير حاني مسلم ريمارڪس ڏنا ته هڪ ماڻهو جي زندگي بچائڻ لاءِ 100 ماڻهن جي خلاف ڪيس داخل ڪرائيندا جيڪڏهن هڪ شخص جي زندگي کي به بچائڻ لاءِ اسان کي ڪنهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻي پئي ته ضرور ڪنداسين سپريم ڪورٽ ايم ڊي واٽر بورڊ مصباح فريد کي فوري طور تي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *