پوليس ۾ به هاڻي فوج جيان شهادت کانپوءِ  گهر، نوڪري ۽ ٻيون رعايتون ڏ يڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري  چيو آهي ته سنڌ پوليس  جي مضبوطي  سنڌ ۾ امن جي ضمانت آهي، صوبي ۾ ڏوهن ۾ گهٽتائي جو ڪريڊٽ وڏي وزير قائم علي شاهه سميت سنڌ پوليس ۽ آءِ جي سنڌ ڏانهن وڃي ٿو،  ضرب عضب جي ڪاميابي ۽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙن کي سلام پيش ڪريان ٿو، جيڪڏهن ڪو پوليس آفيسر ڊيوٽي دوران شهيد  ٿي وڃي ته ان جي خاندان کي  سڄي عمر پگهار ۽ سندس اولاد کي نوڪري ڏني ويندي، اڳوڻي صد ر آ صف علي زرداري ڪرا چي ۾ رزاق آباد  پوليس  ٽريننگ سينٽر ۾ 25هين ايلٽ فورس پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي چيو ته جهڙي ريت هٿيار بند فوج  ۾ سپاهين جو خيال ڪيو ويندو آهي اهڙي ريت پوليس ۾ به سپاهي جو خيالن   رکڻ گهرجي، هن اعلان ڪيو ته پوليس ۾ به هاڻي فوج جيان شهادت کانپوءِ  گهر ۽ رعايتون ڏنيون وينديون، جڏهن ته ڊيوٽي تي موجود آفيسرن لاءِ رهائش جو بندو بست ڪيو ويندو، هن پوليس جي شهيد ن جي حوالي سان ٻڌ ايو ته شهيدن کان اسان طاقت ورتي آهي ۽ اڄ اسان انهن شهيدن کي سلام ڪرڻ لاءِ گڏ  ٿيا آهيون، هن چيو ته آپريشن ضرب عضب  کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ پاڪستاني فوج بي پناهه ڪاميابيون حاصل  ڪيون آهن ۽ دهشتگردن جي  چيلهه ٽوڙي وئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته فوج وانگر  پوليس فورس تيار  ڪئي ويندي ۽ ان  جا سمورا مسئلا  حل ڪيا ويندا، ڇو جو پوليس جا مسئلا صرف انهن جا نه پر اسان سڀني جا آهن، آصف زرداري سنڌ پوليس کي مخاطب  ڪندي چيو ته جهڙي ريت فوجي جوان، نيوي، ايئرفورس ۽ رينجرز جا اهلڪار پنهنجي آفيسرن  جو خيال رکندا آهن اهڙي ريت سنڌ پوليس کي به پنهنجي آفيسرن کان پهرين قربانيون ڏيڻ گهرجن، اڳوڻي صدر خواهش جو اظهار ڪيو ته مان اڄ به شهيدن جي صف ۾ بيهڻ چاهيان ٿو ، حڪومت کي گهرجي ته شهيدن جي خاندانن کي مڪمل پگهارون ڏنيون وڃن ۽ شهيدن جي ٻارن کي نوڪريون فراهم ڪري ٻيون سهولتون ڏيڻ جو اعلان ڪري،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *