اي سي ايل ۾ ڪوبه نالو وڌ ۾ وڌ ٻه سال شامل ڪري سگهبو:گهرو وزارت  نئين پاليسي جوڙي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزارت نئين ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ پاليسي تيار ڪري ورتي جيڪا منظوري لاءِ گهرو وزير ڏانهن موڪلي وئي آهي، نئين پاليسي موجب ڪنهن به ڏوهاري جو نالو وڌ ۾ وڌ ٻن سالن تائين اي سي ايل ۾ شامل ڪري سگهبو، لسٽ ۾ شامل نالن جو هر سال جائزو ورتو ويندو ۽ لاڳاپيل کاتي ۽ اداري مان ڏوهاري جي ڪيس جي نوعيت پڇي ويندي، رياست مخالف سرگرمين ۽ دهشتگردي ۾ ملوث ڏوهارين جا نالا اڻ ڄاڻايل عرصي تائين اي سي ايل ۾ رهندا. ذريعن مطابق وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جي هدايت تي گهرو وزارت نئين ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ پاليسي تيار ڪئي آهي، ڄاڻايل پاليسي مطابق جيڪو به کاتو يا ادارو ڪنهن ڏوهاري جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرائيندو ته ان کي گهرو وزارت کي شاهد فراهم ڪرڻا پوندا، جيڪڏهن ڪنهن ڏوهاري خلاف فوري طور تي شاهد دستياب نه ٿيندا ته ان جو نالو عبوري طور تي هڪمهيني لاءِ اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويندو، پرپوءِ ان هڪ مهيني اندر لاڳاپيل کاتي يا اداري کي شاهد ڏيڻا پوندا، شاهدن جي عدم دستيابي تي نالو اي سي ايل مان خارج ڪيو ويندو، نئين پاليسي ۾ ڪنهن به ڏوهاري جو نالو وڌ ۾ وڌ ٻن سالن لاءِ اي سي ايل ۾ شامل ڪري سگهبو، پرپوءِ هڪ سال کانپوءِ  هر ڏوهاري جي ڪيس تي نظرثاني ڪئي ويندي ۽ لاڳاپيل کاتي يا اداري کي ڏوهاري جي ڪيس جا تفصيل فراهم ڪرڻا پوندا، جيڪڏهن گهرو وزارت مطمئن نه ٿيندي ته نالو اي سي ايل مان خارج ڪيو ويندو. ذريعن مطابق دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن ۽ عنصرن جا نالا اڻ ڄاڻايل عرصي لاءِ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويندا، نئين اي سي ايل پاليسي گهرو وزير جي منظوري سان ئي لاڳو ٿيندي..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *