پوري ملڪ ۾ يوم عاشور عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ڪربلا جي شهيدن کي لڙڪن سان ڀيٽا پيش

ڪراچي (نمائندن وٽان) حضرت امام حسين رضه الله تعاليٰ عنهه ۽ سندس جانثار ساٿين جي عظيم شهادت جي ڏهاڙي تي سندن لازوال قربانيءَ کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي وئي، 10 محرم الحرام تي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن سميت سڄي ملڪ ۾ ماتمي جلوس منزلن تي پهچي نهر ٿي ويا، شام غريبان جون مجلسون جاري، سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام، هزارين اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين جي عظيم قربانيءَ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ 10 محرم جو مرڪزي ماتمي جلوس سخت سڪيورٽي هيٺ روايتي رستن تان ٿيندو امام بارگاهه حسينيان ايرانيان کارادر پهچي پرامن نموني نهر ٿي ويو،جنهن بعد شام غريبان پڙهي وئي،ماتمي جلوس جي هوائي نگراني به ڪئي وئي. سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچيءَ ۾ عاشوري جو مرڪزي جلوس نشتر پارڪ ۾ مجلس عزا منعقد ڪرڻ بعد برآمد ڪيو ويو،جنهن ۾ وڏي انگ ۾ عزادارن شرڪت ڪئي مرڪزي جلوس نمائش چورنگي،ايم جناح روڊ، سي بريز ۽ ريگل چوڪ سميت ٻين روايتي رستن تان ٿيندو،تبت سينٽر وٽ پهتو،جتي ظهرين جي نماز ادا ڪئي وئي. نماز جي ادائيگي بعد جيڪب آباد سانحي خلاف علامتي ڌرڻو هڻي نعريبازي پڻ ڪئي وئي، جڏهن ته عزادارن ڇرين،زنجيرن ۽ گرزن سان به ماتم ڪيو. مرڪزي جلوس انکانپوءِ ريڊيو پاڪستان،بولٽن مارڪيٽ ۽ لائيٽ هائوس کان ٿيندو شام ڌاري امام بارگاه حـُسينيا ايرانيان کارا در پهچي پرامن نموني نـِهر ٿي ويو،جنهن بعد شام غريبان پڙهي وئي عاشوري جي ماتمي جلوس ۾ ٻارن ۽ عورتن جو وڏو انگ به شريڪ هو،جن جو سڪيورٽي خدشن باوجود حوصلو ڏسڻ وٽان هو. ڪراچي ۾ مرڪزي جلوس جي سڪيورٽي لاءِ غير معمولي انتظام ڪندي پوليس ۽ رينجرز جا 15 هزار کان وڌيڪ جوان مقرر ڪيا ويا جلوس جي روڊن رستن وٽ گهڻ ماڙ عمارتن تي پڻ ماهر نشاني بازن کي الرٽ رکيو ويو ۽ تلاشي بعد عزادارن کي ماتمي جلوس ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي،جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ،پيري ڪتن ۽ بارود کي ناڪارا بڻائيندڙ روبوٽس جي مدد سان جلوس جي رستن جي تلاشي ۽ سوئيپنگ به ڪئي وئي ڪراچيءَ ۾ عاشوري جي مرڪزي جلوس جي هيليڪاپٽر ذريعي فضائي نگراني پڻ ڪئي وئي. حيدرآباد ڊويزن جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ عاشوري جا ماتمي جلوس برآمد ڪري آخري نبيءَ جي ڏوهٽي امام حسين رضي الله تعاليٰ عنهه ۽ ساٿين جي عظيم قربانيءَ کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي،جڏهن ته سڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪندي هزارين اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو هو. 10 محرم الحرام جي موقعي تي ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ به حضرت امام حسين ۽ سندس ساٿين جي عظيم قربانيءَ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ماتمي جلوس برآمد ڪري مجلسون منعقد ڪيون ويون، جڏهن ته سڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. اسلام جو مان مٿانهون ڪرڻ لاءِ ڪربلا جي ميدان ۾ سر گهوريندڙ امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين جي عظيم قربانيءَ کي لاڙڪاڻي ڊويزن جي سمورن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ به ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جڏهن ته ماتمي جلوسن ۽ مجلسن جي سڪيورٽي لاءِ انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا. ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سکر ڊويزن جي سمورن ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن مان به سخت سڪيورٽي هيٺ ماتمي جلوس برآمد ڪري عزاداري ڪئي وئي، جلوسن ۾ عورتن ۽ ٻارن بنه وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اسلام جو مان مٿانهون ڪرڻ لاءِ ڪربلا جي ميدان ۾ سر گهوريندڙ امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين جي عظيم قربانيءَ کي لاڙڪاڻي ڊويزن جي سمورن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ به ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جڏهن ته ماتمي جلوسن ۽ مجلسن جي سڪيورٽي لاءِ انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا. لاڙڪاڻي شهر ۾ عاشوري جو مرڪزي ماتمي جلوس سيد بهادر حسين شاهه امام بارگاهه مان برآمد ٿيو،جيڪو روايتي رستن تان ٿيندو سج لٿي بعد پاڪستان چوڪ وٽ پهچي نهر ٿي ويو. ‎جلوس ۾ شامل عزادارن مڇي مارڪيٽ ۽ ٻين هنڌن تي زنجيرن ۽ ڇرين سان ماتم ڪيو نئين ديري،رتيديري، ڏوڪري، باڊهه، موهن جو دڙو، باقراڻي ۽ خيرمحمد آريجا سميت ٻين شهرن مان به علم پاڪ، تعزين ۽ ذوالجناح جا جلوس برآمد ڪيا ويا. قمبر ۾ 10 محرم جو مرڪزي جلوس پنهنجي روايتي رستن تان ٿيندو منزل تي پهچي ويو،جنهن ۾ شامل هزارين عزادار زنجيرن ۽ ڇرين سان ماتم ڪندا رهيا، جڏهن ته نوحا خواني به ڪئي وئي. شهدادڪوٽ،قبي سعيد خان، نصير آباد، ميروخان، وارهه، سجاول جوڻيجي،بهرام، عرضي ڀـُٽي، گاجي کهاوڙ ۽ لالورائنڪ ۾به سخت سڪيورٽي هيٺ ماتمي جلوسن جا قافلا پرامن نموني پڄاڻيءَ تي پهچي ويا. وڳڻ ويجهو ڳوٺ ٿرڙي هاشم ۾ 10 محرم جو مرڪزي ماتمي جلوس صبح 10 وڳي برآمد ٿيو،جيڪو مختلف رستن تان ٿيندو پر امن نموني منزل تي پهچڻ بعد نهر ٿيو. شڪارپور شهر ۾ عاشوري جو مرڪزي جلوس ۾ امام بارگاهه جهنگل شاهه،پنج پير،شاهه حسين ۽ قادر پير سميت ٻيا پڙ به شامل ٿيا، مرڪزي جلوس جو قافلو روايتي رستن تان ٿيندو منزل تي پهتو،جڏهن ته عزادار مختلف هنڌن تي زنجيرن ۽ گرزن سان ماتم ڪندا رهيا. لکي غلام شاهه، مديجي، چڪ، خانپور، ڳڙهي ياسين، سلطان ڪوٽ ۽ ڊکڻ جي امام بارگاهن مان عاشوري جا ماتمي جلوس ڪڍيا ويا . جيڪب آباد ۾ ماتمي جلوس تي آپگهاتي حملي بعد سڪيورٽي خدشن سبب عاشوري جو جلوس برآمد نه ٿي سگهيو،جڏهن ته عزادارن فوج جي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ڳڙهي خيري ۽ ٺل جي مختلف امام بارگاهن مان ماتمي جلوس ڪڍيا ويا،جڏهن ته سڪيورٽي سخت ڪئي وئي ڪشمور – ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ هر سال جيان هن سال به ننڍن توڙي وڏن شهرن مان ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا. ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، غوثپور، تنگواڻي، بخشاپور، بڊاڻي ۽ گڊو سميت ٻين شهرن مان ڪڍيل ماتمي جلوس روايتي رستن تان ‎گذرڻ بعد پنهنجي منزلن تي پهتا. لاڙڪاڻي ڊويزن جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ ماتمي جلوسن ۽ مجلسن سڪيورٽي لاءِ جا غير معمولي انتظام ڪندي رينجرز ۽ پوليس جا وڏي انگ ۾ اهلڪار مقرر ڪيا ويا، جڏهن ته ماتمي جلوسن ۾ عورتن توڙي ٻارن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *