مخدوم امين فهيم جي حالت ڳڻتي جوڳي، پاڪستان منتقل ڪرڻ جون تياريون

دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ مخدوم امين فهيم جي حالت خراب ٿيڻ تي کيس پاڪستان منتقل ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. ايئر ايموبلنس جي ذريعي 24 کان 48 ڪلاڪن اندر کيس پاڪستان منتقل ڪرڻ جو امڪان آهي. مخدوم امين فهيم ڪينسر جو مريض آهي ۽ ان جو لنڊن مان علاج ڪرايو پيو وڃي. امين فهيم جي علاج جا چار مرحلا مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ علاج جا وڌيڪ ٻه مرحلا رهيل آهن. ڊاڪٽرن امين فهيم کي وڌيڪ علاج لاءِ توانائي بحال ڪرڻ لاءِ آرام جو مشورو ڏنو هو آرام لاءِ امين فهيم دبئي ۾ رهيل آهي جتي سندس حالت ناساز ٿيڻ تي کيس پاڪستان منتقل ٿيڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن ذريعن مطابق امين فهيم کي سندس خواهش تي ڏيهه واپس آندو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *