پوري قوم وطن لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪندڙن جي احسان مند آهي: عارف علوي

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر عارف علوي شهيدن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پوري قوم وطن لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪندڙن جي احسان مند  آهي صدر مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ 18 جوانن جي وارثن سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ صدر شهيدن کي عظيم قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو صدر شهيدن جي بلند درجن، وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي صدر چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي عظيم قرباني تي فخر ڪري ٿي صدر 2 فيبروري تي نوشڪي ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي صدر ڪئپٽن محمد بلال خالد، لانس نائڪ عنايت الله ۽ سپاهي وحيد علي جي وارثن سان تعزيت ڪئي صدر 5 فيبروري تي دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن سان رابطو ڪيو صدر سپاهي ساجد علي، سپاهي ناهيد اقبال ۽ سپاهي محمد ضياءالله خان جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي سپاهي محمد سمير ۽ سپاهي عجب نور جي خاندان جي ماڻهن سان به صدر ڏک جو اظهار ڪيو صدر 25 جنوري تي ڪيچ ضلعي ۾ شهيد ٿيندڙ 10 جوانن جي گهرڀاتين سان به رابطو ڪيو صدر نائڪ وقاص احمد، سپاهي ظفر اقبال، سپاهي نويد غفور جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو صدر سپاهي عدنان مصطفيٰ، زين علي، محمد شهزاد حسين، فرحان احسن طارق جي گهرڀاتين سان به رابطو ڪيو صدر سپاهي محبوب علي، ارسلان منظور ۽ محمد ياسر کي به خراج عقيدت پيش ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *